سعودي عرب جي ڪيترن علائقن ۾ خميس تائين برسات جو امڪان

رياض _ 22 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف سول ڊفينس مملڪت جي ڪيترن علائقن ۾ خميس تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي عرب جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف سول ڊفينس بيان ۾ ٻڌايو ته مڪي ريجن ۾ شديد برسات جڏهن ته مدينه منوره، رياض، قصيم، حائل، اشرقيه ريجن ۽ نجران ۾ هلڪي  برسات جو امڪان آهي. ڊائريڪٽوريٽ شهرين کي احتياطي …

رياض _ 22 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف سول ڊفينس مملڪت جي ڪيترن علائقن ۾ خميس تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي . پرڏيهي خابرو اداري مطابق سعودي عرب جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف سول ڊفينس بيان ۾ ٻڌايو ته مڪي ريجن ۾ شديد برسات جڏهن ته مدينه منوره، رياض، قصيم، حائل، اشرقيه ريجن ۽ نجران ۾ هلڪي  برسات جو امڪان آهي. ڊائريڪٽوريٽ شهرين کي احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي، ته اهي ٻوڏ سبب متاثر هنڌن، وادين ۽ ٻوڏ هيٺ آيل علائقن کان پري رهن. اهڙن هنڌن تي جتي برسات جو پاڻي گڏ ٿي ويو آهي، اتي تيراڪي کان پاسو ڪيو وڃي ۽ سرڪاري چينلز ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ذريعي اعلان ڪيل شهري دفاع جي هدايتن تي عمل ڪيو وڃي.

مزید خبریں