اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري امن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي، ته دنيا ۾ امن صرف جنگ بندي يا خاموشي جو نالو ناهي، پر اهو انصاف، برابري ۽ قومن وچ ۾ گڏيل احترام جي موجودگي سان ئي ممڪن آهي. هن گڏيل قومن جي هلندڙ سال جي ٿيم جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي …
دنيا ۾ امن انصاف، برابري ۽ قومن وچ ۾ گڏيل احترام جي موجودگي سان ئي ممڪن آهي: بلاول ڀٽو زرداري
اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري امن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي، ته دنيا ۾ امن صرف جنگ بندي يا خاموشي جو نالو ناهي، پر اهو انصاف، برابري ۽ قومن وچ ۾ گڏيل احترام جي موجودگي سان ئي ممڪن آهي. هن گڏيل قومن جي هلندڙ سال جي ٿيم جي مڪمل حمايت جو اظهار ڪندي عالمي برادري کان اسرائيل ۽ ڀارت جي جارحيت ۽ ظلمن کي فوري طور روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت ۽ اسرائيل جي بنا روڪ ٽوڪ جارحيت نه رڳو علائقائي استحڪام پر عالمي امن لاءِ به مسلسل خطرو بڻجي رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته اسرائيلي فوج پاران غزه ۾ ظلمن ۽ ڀارتي فوج جي والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ تي انسانيت هميشه شرمنده رهندي. اهي سانحا رڳو علائقائي مسئلو نه پر انسانيت جي ضمير تي لڳندڙ زخم آهن، جيڪي دنيا مان فوري عمل ۽ پختي عزم جا گهرجائو آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حقيقي امن خاموشي يا ڏاڍ سان قائم نٿو ڪري سگهجي. امن لاءِ سماجي انصاف، پٺتي پيل طبقن کي بااختيار بڻائڻ ۽ بنيادي انساني حقن جو تحفظ ضروري آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته انتهاپسندي، غربت ۽ اڻبرابري جهڙا سبب امن ۽ استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهن. بلاول ڀٽو زرداري ان موقعي تي پاڪستان جي بانين ۽ پيپلز پارٽي جي شهيد قيادت کي به خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته اسان جي بزرگن هڪ باوقار، منصفاڻي ۽ پرامن وطن جو خواب ڏٺو ۽ ان خواب جي تعبير لاءِ حياتين جو نذرانو ڏنو. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن تحت قومي ۽ عالمي سطح تي امن جي وڪالت ڪئي آهي. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته هڪ پرامن پاڪستان نه رڳو اسان جي عوام جي خواهش آهي پر ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مقدس امانت به آهي. پيپلز پارٽي هڪ اهڙو پاڪستان ٺاهڻ لاءِ سرگرم آهي، جيڪو قائداعظم محمد علي جناح جي ويزن جي عين مطابق هجي ۽ دنيا ۾ امن، استحڪام ۽ عالمي سهڪار کي هٿي وٺائڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري. بلاول ڀٽو زرداري ان عزم جو ورجاءُ به ڪيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي جدوجهد هڪ پرامن، جمهوري ۽ ترقي پسند پاڪستان لاءِ جاري رکندي.












