اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان شازيه مري امن جي عالمي ڏهاڙي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه جي موقعي تي هڪ خصوصي پيغام جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ هن چيئرمين بلاول ڀٽو کي سالگره جون دلي مبارڪون ڏنيون ۽ سندس ويزن کي خراج تحسين پيش ڪيو. شازيه مري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي امن جي عالمي ڏهاڙي سالگرهه …
بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه ۽ امن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي شازيه مري جو خاص پيغام
اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي ترجمان شازيه مري امن جي عالمي ڏهاڙي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه جي موقعي تي هڪ خصوصي پيغام جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ هن چيئرمين بلاول ڀٽو کي سالگره جون دلي مبارڪون ڏنيون ۽ سندس ويزن کي خراج تحسين پيش ڪيو. شازيه مري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي امن جي عالمي ڏهاڙي سالگرهه جون مبارڪون ڏيڻ هڪ اتفاق آهي ڇاڪاڻ ته هي هميشه اتحاد، امن ۽ عوامي خوشحالي جي پيغام کي اڳتي وڌائيندو آيو آهي. هن چيو ته امن خوشحالي ۽ ترقي جو بنياد آهي ۽ هي اهو ويزن آهي جنهن جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هميشه ڳالهه ڪندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو يقين آهي ته امن ئي ترقي ۽ هم آهنگي جو واحد رستو آهي ۽ سندس قيادت ۾ اسان هڪ اهڙو پاڪستان ڏسڻ جا خواهشمند آهيون جتي هر ماڻهو کي برابري، انصاف ۽ ترقي جا هڪجهڙا موقعا ميسر هجن. شازيه مري چيو ته امن جو ڏهاڙو اسان کي بلاول ڀٽو جي گڏيل بقاءَ، رواداري ۽ جامع ترقي جي پيغام جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري هڪ اهڙو قائد آهي جيڪو هميشه اتحاد ۽ امن جي ڳالهه ڪندو آهي ۽ هو هڪ بهتر مستقبل جي اميد آهن، شازيه مري سڄي قوم کي پيغام ڏنو ته اهو به ان موقعي تي پنهنجي چوڌاري امن، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام عام ڪن ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن سان قدم سان قدم ملائي ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.












