اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) سياحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر سردار ياسر الياس چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي قدرتي خوبصورتي، تاريخي ماڳن، ثقافتي ورثي ۽ مذهبي سياحت جي موقعن سبب دنيا جي بهترين سياحتي ملڪن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو ۽ ساليانو 30 کان 40 ارب ڊالرن جي آمدني حاصل ڪري سگهي ٿو. اي پي پي کي خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان نومبر ۾ پهرين ڀيرو عالمي …
پاڪستان سياحت مان ساليانو 30 کان 40 ارب ڊالرز ڪمائي سگهي ٿو: سردار ياسر الياس
اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) سياحت بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر سردار ياسر الياس چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي قدرتي خوبصورتي، تاريخي ماڳن، ثقافتي ورثي ۽ مذهبي سياحت جي موقعن سبب دنيا جي بهترين سياحتي ملڪن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو ۽ ساليانو 30 کان 40 ارب ڊالرن جي آمدني حاصل ڪري سگهي ٿو. اي پي پي کي خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان نومبر ۾ پهرين ڀيرو عالمي ”ٽورازم روڊ ايڪسپو“ جي ميزباني ڪندو جنهن ۾ ملڪي سياحتي ماڳ ، روايتي کاڌا ۽ ثقافتي رنگ نمايان ڪيا ويندا. ان ايڪسپو ۾ عالمي شيف به حصو وٺندا. لنڊن، تاجڪستان، ازبڪستان ۽ سعودي عرب ۾ به اهڙيون وڌيڪ نمائشون منعقد ڪيون وينديون. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان سياحت کي باقاعده صنعت جو درجو ڏيڻ کي تاريخي ۽ بصيرت وارو فيصلو قرار ڏنو. هن چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ سياحت نظرانداز ٿي وئي هئي، ان لاءِ نيشنل ٽورازم ڪوآرڊينيشن بورڊ کي ٻيهر فعال ڪيو پيو وڃي. سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ حڪومت سرڪاري غير استعمال ٿيل ملڪيتن کي 50 کان 60 سالن جي ليز تي ڏيندي ته جيئن جديد سياحتي سهولتون قائم ڪري سگهجن. ڊجيٽل پورٽل به ٺاهيو پيو وڃي جنهن سان سياحن کي معلومات، هوٽل بڪنگ، موسم ۽ رهنمائي فراهم ڪئي ويندي. هڪ نئون سياحتي نعرو ”پاڪستان جتي خوبصورتي استقبال ڪري، تاريخ ڳالهائي ۽ مهم جوئي ياديون ڇڏي“ متعارف ڪرايو پيو وڃي ته جيئن ميڊيڪل، مذهبي، ايڊوينچر ۽ ايڪو ٽورازم کي هٿي ڏئي سگهجي. سردار ياسر ماحُولياتي چئلينجن جهڙوڪ ٻيلن جي واڍي ۽ ماحولياتي تبديلي کي سياحت لاءِ وڏو خطرو قرار ڏيندي وڏي پئماني تي وڻڪاري مهم ۽ دريائن ۽ ڍنڍن جي ڀرپاسي قبضي جي خاتمي تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان ڪڏهن به سياحت جي صحيح انداز ۾ مارڪيٽنگ ناهي ڪئي، جيتوڻيڪ وچ ايشيائي ملڪ گهٽ جدت جي باوجود لکين سياحن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڪن ٿا. پاڪستان وٽ چار موسمون ۽ مختلف جاگرافيائي خطا موجود آهن جيڪي ان کي منفرد بڻائين ٿا.











