اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي)سڄي دنيا ۾21 سيپٽمبر کي عالمي امن جي ڏهاڙي طور ملهايو ويو. ان ڏينهن جو مقصد جنگ، تشدد ۽ تڪرارن جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي امن جي قيام جي ڪوششن کي اجاگر ڪرڻ آهي. پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿيندو آهي جن گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ ڀرپور حصو ورتو. پاڪستاني امن جٿا دنيا جي مختلف خطن ۾ امن جي قيام …
عالمي امن لاءِ پاڪ فوج جو قابل تحسين ڪردار، 2 لک 35 هزار پاڪستاني فوجي گڏيل قومن جي 48 امن مشنز ۾ 29 ملڪن ۾ خدمتون انجام ڏئي چڪا
اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي)سڄي دنيا ۾21 سيپٽمبر کي عالمي امن جي ڏهاڙي طور ملهايو ويو. ان ڏينهن جو مقصد جنگ، تشدد ۽ تڪرارن جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي امن جي قيام جي ڪوششن کي اجاگر ڪرڻ آهي. پاڪستان جو شمار انهن ملڪن ۾ ٿيندو آهي جن گڏيل قومن جي امن مشنز ۾ ڀرپور حصو ورتو. پاڪستاني امن جٿا دنيا جي مختلف خطن ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجون پيشيواراڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن وقت تائين 235000 کان وڌيڪ پاڪستاني فوجي گڏيل قومن جي 48 امن مشنز ۾ 29 ملڪن ۾ خدمتون انجام ڏئي چڪا آهن. اهي جٿا ڏکين ۽ تڪرارن سان ڀريل علائقن ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ صف اول جو ڪردار ادا ڪندا رهندا آهن. گڏيل قومن جي اصولن تحت پاڪستان هميشه امن مبصر بڻجي مڪمل سهڪار ۽ رسد فراهم ڪئي آهي. پاڪستاني امن فوج اعليٰ تربيت، لگن ۽ جذبي سان مشنز جي ڪاميابي سان پڄاڻي ڪئي، جنهن جي سڄي دنيا ۾ واکاڻ ڪئي پئي وڃي. پاڪستان کي گڏيل قومن سان گڏ پنهنجي پراڻي وابستگي تي فخر آهي ۽ مستقبل ۾ به عالمي امن لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ واري عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.











