ڪاشغر-20 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪاشغر جي تاريخي عيدگاهه مسجد جو دورو ڪيو جيڪو خطي جي مشهور مذهبي ۽ ثقافتي ماڳن مان هڪ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت جو هي دورو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ثقافتي افهام و تفهيم کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ وڌندڙ تعاون جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪاشغر جي …
صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران چين جي دوري دوران ڪاشغر جي تاريخي عيدگاهه مسجد جو دورو

مزید خبریں
ڪاشغر-20 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪاشغر جي تاريخي عيدگاهه مسجد جو دورو ڪيو جيڪو خطي جي مشهور مذهبي ۽ ثقافتي ماڳن مان هڪ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مملڪت جو هي دورو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ثقافتي افهام و تفهيم کي هٿي ڏيڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ وڌندڙ تعاون جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪاشغر جي ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري ياننگ ۽ امام ميمتي جوبن صدر آصف علي زرداري جو مسجد پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. امام صدر مملڪت کي مسجد جو دورو ڪرايو. صدر کي مسجد جي تاريخي اهميت ۽ ورثي تي بريفنگ پڻ ڏني وئي. دوري دوران صدر مملڪت عصر جي نماز ادا ڪئي ۽ مسجد جي شاندار تعمير جي فن کي ساراهيو. صدر مملڪت جو دورو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پائيدار دوستي کي مستحڪم ڪرڻ ۾ هڪ ٻي قدم جي نشاندهي ڪري ٿو، ٻئي ملڪ پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پرعزم آهن. سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ٻنهي ملڪن جا سفير به صدر مملڪت سان گڏ هئا.










