اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پائيدار امن جي قيام لاءِ عالمي اتحاد، برداشت ۽ ڳالهيون اڻٽر آهن. هن چيو ته امن انسانيت جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو ۽ سمورن تڪرارن جو حل صرف ڳالهين سان ئي ممڪن آهي. اهڙو اظهار هن امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪيو جيڪو هر سال گڏيل قومن جي …
امن انسانيت جي ترقي ۽ فلاح لاءِ اڻٽر آهي: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پائيدار امن جي قيام لاءِ عالمي اتحاد، برداشت ۽ ڳالهيون اڻٽر آهن. هن چيو ته امن انسانيت جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو ۽ سمورن تڪرارن جو حل صرف ڳالهين سان ئي ممڪن آهي. اهڙو اظهار هن امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪيو جيڪو هر سال گڏيل قومن جي انتظام هيٺ 21 سيپٽمبر تي ملهايو وڃي ٿو. هن چيو ته هلندڙ سال جو موضوع ”امن جي قيام لاءِ فوري قدم کڻون“ جيڪو وقت جي اهم ضرورت آهي. اسپيڪر سفارتڪاري کي پائيدار امن جي قيام جو بنيادي جز قرار ڏيندي چيو ته سڄي دنيا جي ملڪن جي قيادت کي گهرجي ته تڪرارن بدران ڳالهين، فهم ۽ فراست ۽ گڏيل احترام کي ترجيح ڏين. سندس چوڻ هو ته امن طاقت يا ڏاڍ ذريعي حاصل نٿو ڪري سگهجي پر صرف انصاف، تعاون ۽ احترام تي ٻڌل روين سان قائم ٿئي ٿو. اسپيڪر چيو ته امن صرف جنگ جي نه هجڻ جو نالو ناهي پر ان جو بنياد عدل، هم آهنگي ۽ گڏيل احترام تي هوندو آهي. هن عالمي برادري تي امن جي بنيادي اصول، انساني حقن جو تحفظ ۽ برابري کي هٿي ڏيڻ کي هر سطح تي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هلندڙ سال جي موضوع تي عملدرآمد ڪندي ڪيترائي عملي قدم کنيا آهن، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ متفقه قراردادن ذريعي نه رڳو فلسطين تي اسرائيلي اڳرائي ۽ جنگي ڏوهن جي شديد مذمت ڪئي آهي پر فلسطيني عوام جي اصولي موقف خودمختياري واري حق جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي. اهڙي طرح ٻنهي ايوانن ڪشميري عوام جي آزادي واري جدوجهد جي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪندي ڀارت جي جارحاڻي پاليسين ۽ هڪطرفي طور تي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي جي خاتمي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جن جي نتيجي ۾ ڪشميرين کان انهن جي منفرد سڃاڻپ ڦرڻ جي سازش ڪئي وئي. اسپيڪر جو چوڻ هو ته پارلياماني قدمن ذريعي پاڪستان گڏيل قومن جي پيغام تي لبيڪ چيو ۽ دنيا کي اهو پيغام ڏنو ته هو مظلوم قومن سان گڏ بيٺل آهي. اسپيڪر اسرائيل طرفان قطر، شام، لبنان ۽ ايران تي ڪيل اڳرائي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي انهن کي رد ڪندي ان حملن کي بي بنياد، بناجواز ۽ ڄاڻايل ملڪن جي خودمختياري ۽ عالمي قانونن جي سراسر ڀڃڪڙي قرار ڏنو. سندس چوڻ هو ته اسرائيل جو جنگي جنون فلسطيني ٻارن، عورتن، بزرگن ۽ مريضن جو قتل عام ۽ امدادي سامان جي بندش، انسانيت خلاف ڏوهن جي زمري ۾ اچن ٿا. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان مظلوم فلسطينين ۽ ڪشميرين جي مڪمل حمايت جاري رکندو.










