انجنيئرز جو ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار، پاڪ سعودي دفاعي معاهدو خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو: پروفيسر احسن اقبال

لاهور -20 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪ سعودي دفاعي معاهدو خطي جي ترقي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. پاڪستاني انجنيئرز ملڪ جا اصل معمار آهن، ملڪي ترقي ۾ انهن جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان جو دفاع ناقابل تسخير آهي، ان جو ڪريڊٽ به انجنيئرز جي ڏانهن وڃي ٿو، ماضي ۾ جيئن پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي …

لاهور -20 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪ سعودي دفاعي معاهدو خطي جي ترقي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. پاڪستاني انجنيئرز ملڪ جا اصل معمار آهن، ملڪي ترقي ۾ انهن جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان جو دفاع ناقابل تسخير آهي، ان جو ڪريڊٽ به انجنيئرز جي ڏانهن وڃي ٿو، ماضي ۾ جيئن پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) ذريعي ترقي جا رستا کوليا، اهڙي طرح  تازو پاڪ سعودي معاهدو هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. حق جي ويڙهه سبب سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بلند ٿيو. انهن خيالن جو اظهار هن فيڊريشن آف انجنيئرنگ انسٽيٽيوشنز  آف پاڪستان ۾ منعقد تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي انجنيئر امير ضمير احمد خان سميت سڄي ملڪ مان آيل انجنيئرز جو وڏو تعداد موجود هو. پروفيسر احسن اقبال چيو ته حق جي ويڙهه کان پوءِ هاڻي پاڪستان کي ترقي جي ويڙهه ۽ انوويشن کٽڻو پوندو، جيڪڏهن اسان هڪ ميٽر بدران هڪ هزار ميٽر جي ڊوڙ کٽي ٿا وٺون ته ان لاءِ معيشت کي مضبوط ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي مصنوعات  کي عالمي معيار تائين پهچائڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان کي ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اڳيان وڌائڻ جي ذميواري به انجنيئرز تي لاڳو ٿئي ٿي، موسمياتي تبديلين جي نقصانن کان بچڻ، واٽر سيڪيورٽي ۽ فوڊ چين جي تحفظ لاءِ به انجنيئرز جو ڪردار بنيادي اهميت رکي ٿو. وفاقي وزير چيو ته اسان کي پنهنجي معيشت کي اهڙي طرح مضبوط بڻائڻو پوندو ته موسمياتي تبديلين جا نقصان گهٽ ۾ گهٽ ٿين. بنگلاديش جو مثال ڏيندي هن چيو ته اتي هر سال قدرتي آفتون اچڻ باوجود نقصانن جي شرح تمام گهٽ آهي، البته پاڪستان ۾  به اهو ئي ماڊل اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. احسن اقبال چيو ته انجنيئرنگ انسٽيٽيوشنز کي پاڪستان جي ترقي جو چيمپيئن بڻائڻو پوندو، اسان جي وزارت پل جو ڪردار ادا ڪندي ته جيئن انجنيئرز جي سمورن سفارشن کي پاليسي ۾ شامل ڪري سگهجي. اسان پنهنجي سفر کي ڪريش نه ٿيڻ ڏينداسين بلڪ ترقي يافته ملڪن کان اڳيان نڪرڻ جو هدف حاصل ڪنداسين. هن چيو ته پاڪستان جو خواب آهي ته 2047ع تائين ملڪ جي3 ٽريلين ڊالرز جي معيشت بڻجي ۽ ان مقصد لاءِ نوجوانن کي اونرشپ ڏيڻي پوندي. هن اعلان ڪيو ته 2047ع تائين ”نالج ليپ“ منصوبي جي جلد شروعات ڪئي وڃي جنهن جو روڊ ميپ نوجوانن جي مشاورت سان تيار ڪيو ويندو ته جيئن پاڪستان جي تقدير بدلائي سگهجي.