اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) سول جج جڊيشل ميجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ ۾ ميگا ڪرپشن ڪيس جي سلسلي ۾ گرفتار 7 جوابدارن کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي وفاقي جاچ واري اداري (ايف آءِ اي) حوالي ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪندي انهن خلاف مالي بي ضابطگين، جعلي ووچرز ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال …
قومي خابرو اداري اي پي پي ۾ ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار 7 جوابدار وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي

مزید خبریں
اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) سول جج جڊيشل ميجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل قومي خابرو اداري ”اي پي پي“ ۾ ميگا ڪرپشن ڪيس جي سلسلي ۾ گرفتار 7 جوابدارن کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي وفاقي جاچ واري اداري (ايف آءِ اي) حوالي ڪري ڇڏيو. ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪندي انهن خلاف مالي بي ضابطگين، جعلي ووچرز ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جهڙن سنگين الزامن جا تفصيل پيش ڪيا. ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر محمد جنيد عدالت کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن غواث خان، ادريس چوڌري، عمران منير، طاهر گهمڻ، ساجد علي وڙائچ، اظهر فاروق ۽ خرم شهزاد اي پي پي جي اڪائونٽ بابت سنگين مالي بي ضابطگيون ڪيون آهن. هن چيو ته انهن جوابدارن اي پي پي جي هالي ڊي ان جي اڪائونٽس ذريعي ڪروڙين روپين جون غير قانوني ٽرانزيڪشنز ڪيون. ايف آءِ اي موجب جوابدارن پراويڊنٽ فنڊ (پي ايف) جهڙي محفوظ اسڪيم جي رقم به مجاز اٿارٽي جي منظوري کانسواءِ ڪڍي ۽ مختلف اڪائونٽس ۾ منتقل ڪئي. رڪارڊ هٿ ڪرڻ ۽ ٻين شريڪ جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ جسماجي رمانڊ ضروري آهي، گذارش آهي ته جوابدارن کي 11 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آءِ اي جي حوالي ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران اي پي پي جي وڪيل روحيل اصغر ايڊووڪيٽ ۽ حسنين حيدر ٿهيم ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن جعلي ووچرز تيار ڪري آڊٽ جي عمل کي به گمراهه ڪيو جنهن سان اٽڪل هڪ ارب روپين جي وڏي رقم غير قانوني طور تي ڪڍرائي وئي. وڪيل حسنين حيدر ٿهيم عدالت کي ٻڌايو ته اي پي پي جي اٽڪل 850 ملازمن جي مجموعي ماهوار پگهار ساڍا 4 ڪروڙ روپيا ٺهي ٿي، جڏهن ته انهي مهيني جوابدارن پگهارن جي مد ۾ ساڍا 11 ڪروڙ روپيا ٽرانسفر ڪيا جنهن سان بدنيتي جو واضح ثبوت ملي ٿو. هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته جوابدار هڪ ئي شخص جي اڪائونٽ ۾ رقم منتقل ڪري بعد ۾ پاڻ ۾ ورهائي وٺندا هئا. جوابدار ادريس چوڌري جي وڪيل ايڊووڪيٽ ڪاشف گورسي چيو ته حقيقي بينيفيشري هو 3 ماڻهو آهن جن جي اڪائونٽس ۾ 15 ڪروڙ روپيا منتقل ڪيا ويا جن ۾ ارشد مجيد چوڌري، اظهر فاروق ۽ غلام مرتضيٰ شامل آهن. ٻڌڻي دوران جوابدار طاهر گهمڻ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اصل بينيفشري جوابدار ارشد مجيد چوڌري، اظهر فاروق ۽ ساجد وڙائچ آهن. عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جوابدارن جي جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ ٽن ڏينهن جي توسيع ڪندي کين ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته گذريل ٻڌڻي تي به عدالت انهن ئي جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي ايف آئي اي حوالي ڪيو هو. هي معاملو ان وقت سامهون آيو جڏهن ايف آءِ اي، اي پي پي ۾ مالي بي ضابطگين ۽ هڪ ارب 20 ڪروڙ روپين جي مبينه ڪرپشن جي شڪايت تي 16 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو. جاچ دوران ڪيترائي اهم ثبوت، جعلي ووچرز ۽ غير مجاز بئنڪ ٽرانزيڪشنز جو انڪشاف ٿيو. اداري جي مالياتي سالميت ۽ سرڪاري فنڊز جي ناجائز استعمال تي ملازمن ۾ ڳڻتي آهي.










