خيبر پختونخوا جي گورنر پاران شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي يوم شهادت تي خراج عقيدت پيش

مڪه مڪرمه-20 سيپٽمبر (اي پي پي)خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي يوم شهادت تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته  شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو بهادري، جرئت ۽ استقامت جو پيڪر هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي آمريت خلاف مزاحمت ۽ جمهوري قدمن جي تحفظ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي هڪ سازش تحت شهيد ڪيو ويو. ته …

مڪه مڪرمه-20 سيپٽمبر (اي پي پي)خيبر پختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي يوم شهادت تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته  شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو بهادري، جرئت ۽ استقامت جو پيڪر هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي آمريت خلاف مزاحمت ۽ جمهوري قدمن جي تحفظ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي هڪ سازش تحت شهيد ڪيو ويو. ته جئين شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ڪمزور ۽ ڀٽو خاندان جي سياسي جدوجهد کي ختم ڪري سگهجي پر تاريخ اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته ڀٽو خاندان جون قربانيون ۽ استقامت عوام جي دلين ۾ اڄ به زنده آهن. هن چيو ته  شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قرباني پاڪستان جي تاريخ جو نه وسرندڙ باب آهي جيڪو ايندڙ نسلن کي جمهوريت جي استحڪام جي جدوجهد جي ياد ڏياريندو. هن چيو ته ڀٽو خاندان هميشه جمهوريت لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون ۽ ڪڏهن پوئتي قدم نه هٽايو، پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن لاءِ مير مرتضيٰ ڀٽو جي جدوجهد هڪ روشن مثال آهي ۽ هن جي عوام دوستي هميشه ياد رکي ويندي.