اسلام آباد-20سيپٽمبر (اي پي پي)واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 24 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 23 هزار 700 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 22 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 22 …
واپڊا جي ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي حوالي سان رپورٽ جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-20سيپٽمبر (اي پي پي)واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ڇنڇر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 24 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 23 هزار 700 ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 22 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 22 هزار 300 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 16 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ 1 لک 16 هزار 100 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 24 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 9 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 47 هزار 100 ڪيوسڪ هيٺانهون وهڪرو 37 هزار 800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. بئراجن جي صورتحال مطابق گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 19 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 90 هزار 800 ڪيوسڪ، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 20 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 67 هزار 100 ڪيوسڪ، ڪوٽري بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 41 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 19 هزار 700 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي صورتحال مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550.00 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.728 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1239.25 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 7.056 ملين ايڪڙ فوٽ، چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 649.00 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.311 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.










