نيويارڪ ۾ 10 ملڪن جي ڪانفرنس ۾ فلسطين کي باضابطا طور رياست تسليم ڪيو ويندو: فرانس

پيرس -20 سيپٽمبر (اي پي پي) فرانس  چيو آهي، ته سڀاڻي (سومر) تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ 10 ملڪن جي هڪ ڪانفرنس ٿيندي جنهن ۾ فلسطين کي باضابطا رياست طور تسليم ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب فرانس جي صدارتي آفيس پاران جاري بيان جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته سڀاڻي (سومر) تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ فرانس، برطانيه، آسٽريليا، ڪينيڊا، بيلجيئم، لڪسمبرگ، …

پيرس -20 سيپٽمبر (اي پي پي) فرانس  چيو آهي، ته سڀاڻي (سومر) تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ 10 ملڪن جي هڪ ڪانفرنس ٿيندي جنهن ۾ فلسطين کي باضابطا رياست طور تسليم ڪيو ويندو. پرڏيهي ميڊيا موجب فرانس جي صدارتي آفيس پاران جاري بيان جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته سڀاڻي (سومر) تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ فرانس، برطانيه، آسٽريليا، ڪينيڊا، بيلجيئم، لڪسمبرگ، پرتگال، مالٽا، انڊور ۽ سان مارينو شامل هوندا جيڪي فلسطين کي رياست طور تسليم ڪرڻ جو باضابطا اعلان ڪندا.  فرانس خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسرائيل اولهندي ڪناري کي ضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو هڪ واضح ريڊ لائين ٿيندي ۽ عالمي قانون جي سنگين ڀڃڪڙي تصور ڪئي ويندي. ايوان صدر جي هڪ عهديدار  ايليز چيو ته اسان ۽ اسان جا شراڪتدار اسرائيل کان فوري قدمن جو مطالبو ڪيون ٿا ته جيئن فلسطيني اٿارٽي جو نظام ختم نه ٿئي. هن چيو ته مستقبل جي فلسطيني رياست جون سرحدون 1967ع جي بنياد تي هونديون.

مزید خبریں