صدر آصف علي زرداري جي شِن جيانگ جي نائب گورنر ۽ ڪميونسٽ پارٽي ڪاشغر جي سيڪريٽري پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت

ڪاشغر - 19 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شِن جيانگ جي نائب گورنر ۽ ڪميونسٽ پارٽي ڪاشغر جي سيڪريٽري نيي زوانگ پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آجياڻي کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري شاندار ميزباني تي ٿورا ادا ڪندي چيو ته هو چين جي مختلف شهرن ۾ نظر ايندڙ شاندار ترقي کان تمام گهڻو متاثر آهي. …

ڪاشغر – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري شِن جيانگ جي نائب گورنر ۽ ڪميونسٽ پارٽي ڪاشغر جي سيڪريٽري نيي زوانگ پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آجياڻي کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري شاندار ميزباني تي ٿورا ادا ڪندي چيو ته هو چين جي مختلف شهرن ۾ نظر ايندڙ شاندار ترقي کان تمام گهڻو متاثر آهي. هن چيو ته چيني عوام سان ملاقات سندس لاءِ توانائي ۽ مثبت جذبن جو سبب بڻجي ٿي. صدر آصف علي زرداري صدر شي جن پنگ جي مدبراڻي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندس رهنمائي ۾ چين هڪ وڏي اقتصادي طاقت جي طور تي اڀريو آهي. ان موقعي تي نيي زوانگ صدر جي آجيان ڪندي چيو ته ڪاشغر ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ صديون پراڻا لاڳاپا قائم آهن. هن چيو ته ڪاشغر پاڪستان سان پنهنجي دوستي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ واپار، ثقافت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. آجياڻي ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا، پاڪستان جو چين ۾ سفير ۽ چين جو پاڪستان ۾ سفير پڻ شريڪ هئا.


مزید خبریں