لاهور - 19 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي والده ساجده فاروق تارڙ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ تاريخي دفاعي معاهدي کي خوش آئنده قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اهو معاهدو نه رڳو ٻنهي ڀائر ملڪن جي لاڳاپن کي نئين سگهه فراهم ڪندو پر خطي ۾ امن، ترقي ۽ استحڪام تي پڻ ڏورس …
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ تاريخي دفاعي معاهدو خوش آئنده آهي: ساجده فاروق تارڙ

مزید خبریں
لاهور – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي والده ساجده فاروق تارڙ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ تاريخي دفاعي معاهدي کي خوش آئنده قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اهو معاهدو نه رڳو ٻنهي ڀائر ملڪن جي لاڳاپن کي نئين سگهه فراهم ڪندو پر خطي ۾ امن، ترقي ۽ استحڪام تي پڻ ڏورس اثر وجهندو. ساجده فاروق تارڙ چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن جون پاڙون انتهائي مضبوط آهن ۽ اهي لاڳاپا رڳو حڪومتي سطح تائين محدود نه آهن پر عوامي دلين جي ڌڙڪنن ۾ پڻ رچيل آهي. هن چيو ته دفاعي تعاون جو اهو معاهدو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ٻئي ملڪ مشڪل ۽ ڏکئي حالتن ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ ٿيندڙ اهو معاهدو قومي سلامتي جي گهرجن جي عين موجب آهي ۽ ان سان پاڪستان جي دفاع کي نئين سگهه ملندي. سندس موجب سعودي عرب سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي ۽ هي معاهدو ان پراڻي دوستي کي وڌيڪ گهرو ۽ مستحڪم ڪندو. ساجده فاروق تارڙ چيو ته عوامي سطح تي به ان معاهدي کي تمام گهڻو ساراهيو پيو وڃي ۽ اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته مسجدن، مدرسن ۽ عوامي ميڙن ۾ ان تي خوشي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اها اڳڀرائي رڳو دفاعي ميدان تائين محدود نه رهندي پر ان جا ثمر معاشي، سفارتي ۽ عوامي سطح تي پڻ ظاهر ٿيندا. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ان معاهدي کي ٻنهي ملڪن ۽ پوري مسلمان امت جي اتحاد ۽ ترقي جو ذريعو بڻائي ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي عوام جي وچ ۾ ڀائيچاري جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪري.










