حڪومت ٻوڏ متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

ملتان - 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، سمورا ادارا بشمول فوج متاثرين جي خدمت ۾ مصروف آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ کان متاٿر جلالپور پير والا موٽروي انٽرچينج تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اين ايڇ اي چيئرمين کان بريفنگ کانپوءِ سيد يوسف رضا گيلاني ٻڌايو ته تازي ٻوڏ …

ملتان – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته حڪومت ٻوڏ متاثرين کي اڪيلو نه ڇڏيندي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، سمورا ادارا بشمول فوج متاثرين جي خدمت ۾ مصروف آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٻوڏ کان متاٿر جلالپور پير والا موٽروي انٽرچينج تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اين ايڇ اي چيئرمين کان بريفنگ کانپوءِ سيد يوسف رضا گيلاني ٻڌايو ته تازي ٻوڏ سبب 17 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1112 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن ۽ 45 قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته هن وقت متاثرين کي تنبو، خوراڪ، راشن ۽ چوپائي مال جي لاءِ چاري جي ضرورت آهي، ريليف کانپوءِ اسان جو فوڪس بحالي ۽ نئين سر تعمير تي هوندو. هن چيو ته اسان جو مقصد متاثرين کي ڊگهي مدي واري منصوبابندي تحت ٻيهر گهرن ۾ آباد ڪرڻ آهي، ان سلسلي ۾ ٻوڏ متاثر عوام کي هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مظفر ڳڙهه ۽ ملتان جي دوري دوران زرعي ايمرجنسي ۽ بجلي جي بلن ۾ ريليف ڏيڻ جو مطالبو ڪيو هو، ان حوالي سان بجلي جي بلن ۾ ريليف ڏنو ويو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته مستحق خاندانن کي شفاف طريقي سان رقم جي منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني زمرد خان پاران روزانو چار سئو کان پنج سئو ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪرڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي يتيم ٻارن جي لاءِ تعليمي امداد جي اعلان کي ساراهيو. هن انهن ماڻهن جا پڻ ٿورا مڃيا جيڪي ٻوڏ متاثرين جي ڪئمپن ۾ سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن. وقتي صدر ان موقعي تي مختار اي شيخ اسپتال انتظاميا پاران 84 ميڊيڪل ڪئمپون فراهم ڪرڻ تي پڻ انهن جا ٿورا مڃيا. هن نانگ جي ڪکڻ جي ويڪسين جي کوٽ جي نشاندهي ڪئي ۽ دستياب اسٽاڪ جي ايڪسپائري تاريخون چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان سوئيٽ هوم جي سربراهه زمرد خان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته سيده فاطمه الزهره دسترخوان روزانو هزارين ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪري رهيو آهي ۽ اها سهولت ٻين علائقن ۾ پڻ وڌائي ويندي، سوئيٽ هومز به انهن علائقن ۾ سرگرم آهن ۽ مشڪل گهڙيءَ ۾ ٻوڏ متاثرين کي تحفظ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين قاسم نون، ايم اين اي عبدالقادر گيلاني، محمد نعيم خان ۽ ٻيا مقامي اڳواڻ ۽ سياستدان پڻ موجود هئا.