پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ ڏوهاري ڪاررواين ۾ غيرقانوني افغان شهري ملوث آهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري

اسلام آباد - 19 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ان ڳالهه جا پڪا ثبوت آهن ته غيرقانوني افغان شهري پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سنگين وارداتن ۽ ڏوهاري ڪاررواين ۾ ملوث آهن. هڪ جرمن ميگزين کي ڏنل انٽرويو ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان 40 سالن تائين لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي. …

اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ان ڳالهه جا پڪا ثبوت آهن ته غيرقانوني افغان شهري پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سنگين وارداتن ۽ ڏوهاري ڪاررواين ۾ ملوث آهن. هڪ جرمن ميگزين کي ڏنل انٽرويو ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان 40 سالن تائين لکين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي. هن چيو ته افغان پناهگيرن جي پنهنجي ملڪ باعزت واپسي جي لاءِ پاڪستان پاران جامع انتظام ڪيا ويا. هن چيو ته پاڪستان انساني همدرديءَ جي بنياد تي افغان پناهگيرن جي وطن واپسي جي ڊيڊ لائين ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ڪئي آهي. هن چيو ته افغان پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ جو اصل ڪارڻ غيرملڪي مداخلت ۽ اتي گهرو ويڙهه هئي جيڪا صورتحال هاڻي ناهي رهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته افغانستان مان آمريڪا جي نڪرڻ کانپوءِ اتي ڇڏيل هٿيار پاڪستان ۾ دهشتگردي جي سرگرمين ۾ استعمال ٿي رهيا آهن ۽ آمريڪا پڻ انهن هٿيارن جي دهشتگردي جي سرگرمين ۾ استعمال ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت ۾ پرتشدد واقعا  ڀارتي حڪومت جي وڌندڙ انتهاپسنداڻي پاليسين جو نتيجو آهن. هن چيو ته ڀارت سدائين پنهنجي اندرئين مسئلن کي ٻاهريان مسئلا ۽ ٻاهرئين مسئلن کي اندريان مسئلا ڪري پيش ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت جي رياست جي نگراني ۾ پاڪستان جي اندر دهشتگردي جون سرگرميون ٿي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته انهن سرگرمين ۾ ملوث ڀارت جي حاضر سروس فوجين جا پڪا ثبوت موجود آهن جيڪي پاڪستان ڪيترن ئي عالمي فورمن آڏو رکيا آهن ۽ اهي دهشتگردي جا ثبوت عالمي برادري کي ڏيکاريا آهن. ڪشمير مسئلي جي هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته عالمي برادري کي ان پراڻي تڪرار کي حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان سمورن غيررياستي عنصرن کي هر صورت ۾ رد ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان جي اندر ڪنهن به هٿياربند گروپ جي ڪا به جڳهه نه آهي. رياست کانسواءِ ڪنهن به گروپ يا ماڻهو کي جهاد جو اعلان ڪرڻ جو اختيار نه آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان نه رڳو دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مُهر واري ملڪ جو ڪردار ادا ڪيو آهي پر ڪيتريون ئي قربانيون به ڏنيون آهن. پاڪستان ڀارت جي تازي جهيڙي معرڪه حق جي دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ اسٽريٽجڪ قائداڻو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته آمريڪا ڪالعدم مجيد برگيڊ کي هڪ عالمي دهشتگرد تنظيم قرار ڏنو آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان جا پنهنجي ڀائر ملڪ چين سان تعميري ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن. هن چيو ته بلوچستان ۾ ماريل ڪيترن ئي دهشتگردن جا نالا نام نهاد گم ٿيل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل آهن.


مزید خبریں