گلگت بلتستان بي پناهه قدرتي خوبصورتي رکندڙ خطو آهي ۽ سياحت تي ٻَڌل ترقي جي بي پناهه صلاحيت رکي ٿو: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته گلگت بلتستان بي پناهه قدرتي خوبصورتي رکندڙ خطو آهي ۽ سياحت تي ٻَڌل ترقي جي بي پناهه صلاحيت رکي ٿو. هن اها ڳالهه گلگت بلتستان جي وڏي وزير حاجي گلبر خان سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ناڻي واري وزير پنهنجي هاڻوڪي گلگت بلتستان جي دؤري جو حوالي ڏيندي خطي ۾ ٻوڏ …

اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته گلگت بلتستان بي پناهه قدرتي خوبصورتي رکندڙ خطو آهي ۽ سياحت تي ٻَڌل ترقي جي بي پناهه صلاحيت رکي ٿو. هن اها ڳالهه گلگت بلتستان جي وڏي وزير حاجي گلبر خان سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات دوران ناڻي واري وزير پنهنجي هاڻوڪي گلگت بلتستان جي دؤري جو حوالي ڏيندي خطي ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ ان بابت امدادي سرگرمين خاص ڪري وفاقي فنڊز جاري ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن روڊن جي بنيادي ڍانچي ۾ ٿيل اڳڀرائي ۽ سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاريءَ کي ساراهيو ۽ـ چيو ته گلگت بلتستان بي پناهه خوبصورت رکندڙ خطو آهي، جيڪو سياحت تي ٻَڌل ترقيءَ جي بي پناهه صلاحيت رکي ٿو. ناڻي واري وزير زور ڀريو ته سيڙپڪاري هميشه ذميداراڻي هئڻ گهرجي، تعميراتي قائدن ۽ ضابطن سان گڏوگڏ ماحولياتي قانونن خاص طور تي ڪچري ۽ پاڻيءَ جي انتظامن جي حوالي سان قائدن ۽ ضابطن جي سختيءَ سان پابندي ڪئي وڃي ته جيئن مقامي ماحولياتي نظام محفوظ رهي. هن گلگت بلتستان حڪومت کي نَون محصولن جا ذريعا تلاش ڪرڻ جي ترغيب ڏني ۽ـ خاص طور تي نار ملڪن مان ايندڙ سياحن لاءِ ٽوئر ازم پيڪيج کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هوائي اڏن، روڊن ۽ سياحتي ماڳن جي ترقيءَ تي زور ڀريو. وڏي وزير گلبر خان ناڻي واري وزير کي خطي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته اسڪردو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مسافرن جو انگ وڌيڪ آهي ۽ وڏي آمدرفت جاري آهي، جڏهن ته گلگت ايئرپورٽ کي عالمي معيار موجب اپ گريڊ ڪرڻ جي منصوبا بندي پڻ ڪئي پئي وڃي ته جيئن سياحت کي وڌيڪ هٿي ملي. هن گلگت بلتستان تي مسلسل توجهه ڏيڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي حڪومت جو ٿورو مڃيو. وزيراعليٰ ناڻي واري وزير کي آگاهه ڪيو ته گلگت بلتستان حڪومت جي 10 ضلعن ۾ عوامي خدمتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ عملي ۾ واڌ ڪري رهي آهي ۽ جي بي سيڪريٽريٽ ۾ سينيئر آفيسرن لاءِ ڪيريئر جي ترقيءَ جا بهترين موقعا فراهم ڪرڻ تي به ڪم جاري آهي.

مزید خبریں