راولپنڊي-19 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير رضا حيات هراج چيو آهي ته پاڪستان اٽلي سان گهڻ رخي ۽ اعتماد تي ٻڌل ويجهن ٻطرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان وٽ توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبن ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي جنهن ۾ گڏيل منصوبن جا امڪان آهن جنهن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي. دفاعي پيداوار واري وزارت مان جاري بيان موجب اٽلي …
پاڪستان اٽلي سان گهڻ رخي ۽ اعتماد تي ٻڌل ويجهن ٻطرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو: وفاقي وزير رضا حيات هراج
راولپنڊي-19 سيپٽمبر (اي پي پي) دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير رضا حيات هراج چيو آهي ته پاڪستان اٽلي سان گهڻ رخي ۽ اعتماد تي ٻڌل ويجهن ٻطرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان وٽ توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبن ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي جنهن ۾ گڏيل منصوبن جا امڪان آهن جنهن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي. دفاعي پيداوار واري وزارت مان جاري بيان موجب اٽلي جي سفير ميريلينا آرميلن وفاقي وزير محمد رضا حيات هراج سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير معزز مهمان جو شاندار استقبال ڪيو ۽ اٽلي سان پاڪستان جي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وفاقي وزير رضا حيات هراج چيو ته پاڪستان اٽلي کي هڪ دوست ۽ قابل اعتماد پارٽنر سمجهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان اٽلي سان گهڻ رخي ۽ اعتماد تي ٻڌل ويجهن ٻطرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان وٽ توانائي ۽ دفاعي پيداوار جي شعبن ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي جنهن ۾ گڏيل منصوبن جا امڪان آهن جن کي ڳولڻ جي ضرورت آهي. ٻنهي ڌرين طرفان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي دورن جي باقاعده مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. معزز مهمان وقت ڪڍڻ تي وزير جو ٿورو مڃيو ۽ پاڪستان حڪومت سان سمورن شعبن خاص ڪري دفاعي شعبي ۾ ڪم جاري رکڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











