گهرو معاملن واري مملڪتي وزير پاران چين گلوبل پبلڪ سيڪيورٽي فورم ۾ شرڪت

اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير چين جو دؤرو ڪيو، جتي هن گلوبل پبلڪ سيڪيورٽي تعاون فورم 2025ع ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب فورم دوران طلال چوڌري مختلف سيشنز ۾ شرڪت سان گڏوگڏ منعقد ايڪسپو جو به معائنو ڪيو ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيڪيورٽي اوزارن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. ان موقعي تي يوئي شيوهو مملڪتي وزير جي اعزاز ۾ …

اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري مملڪتي وزير چين جو دؤرو ڪيو، جتي هن گلوبل پبلڪ سيڪيورٽي تعاون فورم 2025ع ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. گهرو وزارت جي ترجمان موجب فورم دوران طلال چوڌري مختلف سيشنز ۾ شرڪت سان گڏوگڏ منعقد ايڪسپو جو به معائنو ڪيو ۽ جديد ٽيڪنالاجي ۽ سيڪيورٽي اوزارن ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي. ان موقعي تي يوئي شيوهو مملڪتي وزير جي اعزاز ۾ خصوصي مانجهاندو ڏنو، جنهن ۾ طلال چوڌري شرڪت ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن دهشتگرديءَ جي خاتمي، ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. طلال چوڌري فورم جي موقعي تي انٽرپول جي سيڪريٽري جنرل والڊسي ارڪيزا سان به ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عالمي سطح تي سيڪيورٽي چئلينجز ۽ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. مملڪتي وزير والڊاسي ارڪيزا کي پاڪستان جي دؤري جي دعوت ڏني جنهن کي هن ٿورن سان قبول ڪيو.

مزید خبریں