اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف شڪراني وارو ڏهاڙو ملهائڻ تي قوم ۽ عالم سڳورن جو ٿورو مڃيندي چيو ته هلندڙ هفتو شڪراني طور ملهايو ويندو ۽ سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي حوالي سان مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اهي تقريبون پاڪستان ۽ سعودي عرب معاهدي ۽ پاڪ- سعودي دوستيءَ جي عنوان تي ٿينديون. …
پاڪستان ۽ سعودي عرب عالمِ اسلام جا ٿنڀ آهن: مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير
اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف شڪراني وارو ڏهاڙو ملهائڻ تي قوم ۽ عالم سڳورن جو ٿورو مڃيندي چيو ته هلندڙ هفتو شڪراني طور ملهايو ويندو ۽ سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي حوالي سان مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته اهي تقريبون پاڪستان ۽ سعودي عرب معاهدي ۽ پاڪ- سعودي دوستيءَ جي عنوان تي ٿينديون. وزارت جي ترجمان موجب وفاقي وزير مختلف مڪتبِ فڪر جي عالمن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ جمعي جي خطبن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب لاءِ دُعائن ڪرڻ تي سندن ٿورو مڃيو. وفاقي وزير جمعي نماز جي موقعي تي خصوصي دُعا پڻ ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ـ سعودي عرب عالمِ اسلام جا ٿنڀ آهن، ٻنهي ملڪن جي مضبوطي مسلم اُمت جي مضبوطي آهي. هن ٻنهي ملڪن جي قيادت لاءِ وڏي عمر ۽ صحت جي دُعا ڪئي ۽ چيو ته ڪامياب دفاعي معاهدي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل مبارڪون لهڻن. هن چيو ته پاڪ فوج ملڪ کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻ پوري عالمِ اسلام فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻجندو. وفاقي وزير سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز کي دورانديش اڳواڻ قرار ڏيندي چيو ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي جون ڪوششون وسارڻ جوڳيون ناهن.











