پاڪستان ترڪيه پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي ڪنوينر شائسته پرويز ملڪ جي ترڪ سفير ڊاڪٽر عرفان نذير اوغلو سان ملاقات

اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ترڪيه پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي ڪنوينر شائسته پرويز ملڪ  ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر عرفان نذير اوغلو هن عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ٻئي ملڪ ” هڪ جان ۽ ٻه دلين “ جي مضبوط ڀائراڻي جذبن تي يقين رکن ٿا جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جو اظهار ٿئي ٿو. ان عزم جو اظهار …

اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ترڪيه پارلياماني فرينڊشپ گروپ جي ڪنوينر شائسته پرويز ملڪ  ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر عرفان نذير اوغلو هن عزم جو اظهار ڪيو آهي ته ٻئي ملڪ ” هڪ جان ۽ ٻه دلين “ جي مضبوط ڀائراڻي جذبن تي يقين رکن ٿا جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جو اظهار ٿئي ٿو. ان عزم جو اظهار شائسته پرويز ملڪ ۽ ترڪ سفير ڊاڪٽر عرفان نذير اوغلو ۾ ٿيل ملاقات دوران ڪيو ويو. ان موقعي تي ڪنوينر ترڪ سفير کي پاڪستان ۾ هاڻوڪي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ بابت آگاهه ڪيو ۽ قيمتي انساني جانين جي نقصان، وڏي پئماني تي لڏپلاڻ، ملڪيتن ۽ زرعي زمين کي پهتل نقصان، چوپائي مال ۽ چاري جو نقصان ۽ ان جي نتيجي ۾ خوراڪ کي کوٽ جا تفصيل ٻڌايا. ڳالهين ۾ سياحتي پاليسي جي بحالي، تعليمي مٽاسٽا ۽ پارلياماني رابطن کي وڌائڻ سميت اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڀريو ويو. ٻنهي ڌرين ويجهي پارلياماني تعاون، چيمبرز آف ڪامرس سان مضبوط رابطي، ڪاروباري فورمز ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ نوجوان ۽ بزنس سان لاڳاپيل عورتن لاءِ گڏيل پروگرامن جي آغاز جي اهميت تي زور ڀريو. ڪنوينر شائسته پرويز تعاون لاءِ هڪ منظم پليٽ فارم طور تي ڪم ڪرڻ لاءِ گڏيل پاڪستان – ترڪيه ثقافتي تعاون فورم جي قيام جي تجويز پيش ڪئي. ان فورم ذريعي موضوعاتي نمائشن، عورتن کي بااختيار بنائڻ جي پروگرام، جدت کي هٿي ڏيڻ لاءِ نوجوانن جي مهارت کي هٿي ڏيڻ، اقتصادي حصيداري ۽ ثقافتي سرگرمين جهڙن قدمن تي ڌيان ڏنو ويندو. ڳالهين دوران ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي ڪوششن ۾ تعاون، ٻهراڙي جي عورتن لاءِ پيشيوراڻي تربيتي پروگرام متعارف ڪرائڻ ۽ خصوصي ڌيان وارن ٻارن لاءِ جامع قدمن کي هٿي ڏيڻ تي خاص زور ڀريو ويو. ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين طرفان پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ خوشگوار ۽ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.

مزید خبریں