لنڊن - 19 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ معاهدو تاريخي آهي، اهو معاهدو رات وچ ۾ طئي ناهي ٿيو ان تي ڪيترائي مهينا لڳا آهن، ٻيا ملڪ به اهڙي طرح جي معاهدي جو حصو بڻجڻ جي خواهش رکن ٿا. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي سان ٻئي ملڪ تمام گهڻو …
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ معاهدو تاريخي آهي: اسحاق ڊار
لنڊن – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ معاهدو تاريخي آهي، اهو معاهدو رات وچ ۾ طئي ناهي ٿيو ان تي ڪيترائي مهينا لڳا آهن، ٻيا ملڪ به اهڙي طرح جي معاهدي جو حصو بڻجڻ جي خواهش رکن ٿا. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي سان ٻئي ملڪ تمام گهڻو خوش آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاهدو ته سدائين کان موجود هو، ٻيا ملڪ به اهڙي طرح جي معاهدي جو حصو بڻجڻ جي خواهش رکن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ معاهدو رات وچ ۾ طئي ناهي ٿيو ان تي ڪيترائي مهينا لڳا آهن، سعودي عرب سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، پابندين کانپوءِ سعودي عرب جي حمايت وڏي اهم هئي، جڏهن آءِ ايم ايف جي پروگرام جي لاءِ به اسان کي حمايت جي ضرورت پئي ته سعودي عرب پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو. هن چيو ته هر مسلمان حرمين شريفين سان گهري عقيدت رکي ٿو ۽ ان تي قربان ٿيڻ جي لاءِ تيار رهي ٿو.











