اسلام آباد - 19 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ”ڊان نيوز“ سان واڳيل صحافي عبدالله مومند کي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پاران موڪليل نوٽيس تي شديد ڳڻتي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عبدالله مومند کي رڳو سوال پڇڻ تي هڪ ارب جو نوٽيس موڪلڻ صحافت جي آزادي تي حملو، جمهوري قدرن جي پائمالي ۽ آئين کان انحراف آهي، صحافي …
عطاءُ الله تارڙ پاران صحافي عبدالله مومند کي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پاران موڪليل نوٽيس تي ڳڻتي جو اظهار
اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ”ڊان نيوز“ سان واڳيل صحافي عبدالله مومند کي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير پاران موڪليل نوٽيس تي شديد ڳڻتي ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته عبدالله مومند کي رڳو سوال پڇڻ تي هڪ ارب جو نوٽيس موڪلڻ صحافت جي آزادي تي حملو، جمهوري قدرن جي پائمالي ۽ آئين کان انحراف آهي، صحافي جو فرض سوال ڪرڻ آهي ۽ سوال تي نوٽيس موڪلڻ نه رڳو غيرآئيني ۽ غيرقانوني پر ناجائز حربو آهي، اهڙن قدمن جو مقصد صحافين کي دٻاءُ ۾ آڻي انهن جي زبان بندي ڪرڻ ۽ جمهوري ڪلچر تي ڪاري ضرب لڳائڻ آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جمهوري قدرن جي گهرج آهي ته سوال جو جواب دليل ۽ وضاحت سان ڏنو وڃي نه وري صحافين کي هراسان ڪري ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. هن چيو ته صحافين کي هتڪ عزت جي نوٽيس ۽ سائبر ڪرائيم جي ڪاررواين جي ڌمڪين کي ڪنهن به طور تي قبول نه ٿو ڪري سگهجي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جو اهو طرز عمل رياستي عهدن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي برابر آهي، اهڙا قدم نه رڳو اندرون ملڪ پر عالمي سطح تي پڻ پاڪستان جي ساک کي نقصان پهچائين ٿا. هن چيو ته عالمي سطح تي ميڊيا جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ کي انساني حق تصور ڪيو وڃي ٿو، ان لاءِ ان نوعيت جا واقعا پاڪستان جي مثبت تشخص کي مجروح ڪن ٿا. هن چيو ته اها ڳالهه انتهائي افسوسناڪ آهي ته پي ٽي آءِ جو هر قدم ملڪ جي مفاد بدران ان جي خلاف وڃي ٿو، صحافت جي آزادي تي پابنديون، ادارن جي توهين ۽ عوامي نمائندن کي بدنام ڪرڻ جون ڪوششون ان پارٽي جو شيوو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته حڪومت صحافي برادري سان گڏ آهي ۽ هر ان قدم آڏو ڄمي بيهندي جيڪو ميڊيا کي دٻائڻ يا جمهوري قدرن کي پائمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.












