اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته حڪومت بجلي جي شفاف ۽ چٽاڀيٽي واري مارڪيٽ قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، Competitive Trading Bilateral Contracts Market (سي ٽي بي سي ايم) سڌارا پاڪستان جي توانائي جي مستقبل جي ضمانت آهن، توانائي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ سڌارا ڪري رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ سي ٽي بي سي …
حڪومت بجلي جي شفاف ۽ چٽاڀيٽي واري مارڪيٽ قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي: اويس احمد لغاري
اسلام آباد-19 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته حڪومت بجلي جي شفاف ۽ چٽاڀيٽي واري مارڪيٽ قائم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، Competitive Trading Bilateral Contracts Market (سي ٽي بي سي ايم) سڌارا پاڪستان جي توانائي جي مستقبل جي ضمانت آهن، توانائي جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ سڌارا ڪري رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن اسلام آباد ۾ سي ٽي بي سي ايم جي اسٽيڪ هولڊر ورڪشاپ کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. سردار اويس احمد خان لغاري چيو ته قابل تجديد ۽ ماحول دوست توانائي جي ذريعن مان فائدو کڻي رهيا آهيون ته جيئن مجموعي طور تي ماحول به بهتر ٿي سگهي ۽ شفاف توانائي جي ذريعن مان قوم کي بجلي جي ضرورت پوري ٿي سگهي، صنعت کي هٿي ۽ روزگار جي موقعن تي به خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، 800 ميگاواٽ وِهيلنگ ڊمانڊ جي لاءِ آڪشن فريم ورڪ متعارف ڪرايو پيو وڃي. هن چيو ته سي ٽي بي سي ايم سالن جي رٿابندي جو نتيجو آهي، ان سان شفافيت، ڪارڪردگي ۽ چٽاڀيٽي کي هٿي ملندي ۽ پاور سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري وڌندي. وفاقي وزير چيو ته پاور سيڪٽر ۾ سڌارا عالمي معيار موجب آهن، صارفين کي حقيقي چونڊ ۽ شفاف مارڪيٽ فراهم ڪنداسين. وڏا صنعتي صارفين وِهيلنگ انتظامن مان سڌي ريت فائدو کڻي سگهندا، قابل تجديد توانائي جو انضمام حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ايڪسپورٽ جي شعبن کي سستي ۽ قابل تجديد توانائي ميسر ايندي. وفاقي وزير چيو ته سڌارا معيشت ۽ عوامي ڀلائي لاءِ ضروري آهن، اسٽيڪ هولڊرز جي شموليت شفاف مارڪيٽ لاءِ اهم آهي، سڌارا مشاورت ۽ حصيداري جي اصول تي اڳتي وڌي رهيا آهن. اويس لغاري وڌيڪ چيو ته حڪومت آءِ ايس ايم او ۽ نيپرا کي مڪمل تعاون فراهم ڪندي.












