اسلام آباد - 19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمعي تي ڪاروبار ۾ تيزي جو رجحان جاري رھيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1 لک 58 ھزار پوائنٽس جي ھڪ نفسياتي حد پار ڪري ورتي. ڪاروباري ھفتي جي پڄاڻي تي مارڪيٽ ۾ تيزي رھي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 583.11 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 158536.57 پوائنٽس تائين پھچي ويو جيڪو ھڪ نئون رڪارڊ آھي، مجموعي طور 1209244866 …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رحجان برقرار، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1 لک 58 ھزار پوائنٽس جي ھڪ نفسياتي حد پار ڪري ورتي
اسلام آباد – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ جمعي تي ڪاروبار ۾ تيزي جو رجحان جاري رھيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1 لک 58 ھزار پوائنٽس جي ھڪ نفسياتي حد پار ڪري ورتي. ڪاروباري ھفتي جي پڄاڻي تي مارڪيٽ ۾ تيزي رھي، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 583.11 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 158536.57 پوائنٽس تائين پھچي ويو جيڪو ھڪ نئون رڪارڊ آھي، مجموعي طور 1209244866 شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن جي ماليت 34.26 ارب روپيا ھئي، ڪي ايس اي 30 انڊيڪس204.26 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 48403.19 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1569.24 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 234263.40 پوائنٽس تائين پھچي ويو، فيوچر ٽريڊنگ تحت 9.29 ارب روپين جو سودو طئي ٿيو.سينرجيڪو پاڪستان ليميٽڊ، پاڪستان انٽرنيشنل بلڪ ٽرمينل ۽ بئنڪ آف پنجاب سرفھرست ايڊوانسر ڪمپنيون رھيون.












