ماسڪو-19 سيپٽمبر (اي پي پي) روس جي انتهائي اوڀر ٻيٽ نما ڪامچٽڪا جي سامونڊي ڪناري ويجهو هڪ ڀيرو ٻيهر شديد زلزلو آيو جنهن بعد سونامي الرٽ جاري ڪيو ويو جيڪو بعد ۾ واپس ورتو ويو .آمريڪي جيالوجيڪل سروي (يو ايس جي ايس ) مطابق زلزلي جا لوڏا جمعي ڏينهن صبح جو لامچڪا جي گادي واري شهر پيٽروپالوفسڪ – ڪامچاتسڪي کان 128 ڪلوميٽر (80 ميل) اوڀر ۾ محسوس ڪيا ويا جن جي شدت …
روس جي اوڀر ٻيٽ نما ڪامچٽڪا جي سامونڊي ڪناري ويجهو زلزلو، سونامي الرٽ جاري

مزید خبریں
ماسڪو-19 سيپٽمبر (اي پي پي) روس جي انتهائي اوڀر ٻيٽ نما ڪامچٽڪا جي سامونڊي ڪناري ويجهو هڪ ڀيرو ٻيهر شديد زلزلو آيو جنهن بعد سونامي الرٽ جاري ڪيو ويو جيڪو بعد ۾ واپس ورتو ويو .آمريڪي جيالوجيڪل سروي (يو ايس جي ايس ) مطابق زلزلي جا لوڏا جمعي ڏينهن صبح جو لامچڪا جي گادي واري شهر پيٽروپالوفسڪ – ڪامچاتسڪي کان 128 ڪلوميٽر (80 ميل) اوڀر ۾ محسوس ڪيا ويا جن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 7.8 رڪارڊ ڪئي وئي . زلزلي سبب عمارتون لڏي ويون ۽ سونامي الرٽ جاري ڪيو ويو . زلزلي جي مرڪز جي اونهائي 10 ڪلو ميٽر ۾ هئي. روس جي رياستي جيوفزيڪل سروس زلزلي جي شدت 7.4 رڪارڊ ڪئي ۽ گهٽ ۾ گهٽ پنج آفٽر شاڪس جا به اطلاع ڏنا. آمريڪي پيسفڪ سونامي وارننگ سينٽر فوري طورتي ويجهي سامونڊي پٽين لاءِ امڪاني سونامي الرٽ جاري ڪيو پر ڪجهه ڪلاڪن بعد الرٽ واپس ورتو ويو. زلزلي کان پوءِ هن وقت تائين ڪنهن به نقصان جي اطلاعناهن مليا.










