آمريڪا طرفان غزه ۾ جنگ بندي جي ٺهراءُ کي ويٽو ڪرڻ انتهائي مايوس ڪندڙ لمحو آهي: عاصم افتخار احمد

گڏيل قومون-19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪا طرفان غزه ۾ غير مشروط جنگ بندي ۽ اسرائيلي پابنديون ختم ڪرڻ واري مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ کي ويٽو ڪرڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي ان قدم کي انتهائي مايوس ڪندڙ قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته سلامتي ڪائونسل جي هر ناڪامي ان اداري جي ساک کي مجروح ڪري ٿي. آمريڪا گڏيل قومن جي سلامتي …

گڏيل قومون-19 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪا طرفان غزه ۾ غير مشروط جنگ بندي ۽ اسرائيلي پابنديون ختم ڪرڻ واري مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ کي ويٽو ڪرڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي ان قدم کي انتهائي مايوس ڪندڙ قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته سلامتي ڪائونسل جي هر ناڪامي ان اداري جي ساک کي مجروح ڪري ٿي. آمريڪا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ غزه ۾ غير مشروط جنگ بندي ۽ اسرائيلي پابنديون ختم ڪرڻ جي مطالبي تي ٻڌل ٺهراءُ کي ڇهون ڀيرو ويٽو ڪيو آهي، 15 رڪني ڪائونسل جي 10 ميمبرن پاران پيش ڪيل ان ٺهراءُ جي حق ۾ 14 ووٽ پيا، غزه ۾ اٽڪل ٻن سالن کان جاري اسرائيلي جنگ دوران آمريڪا سلامتي ڪائونسل ۾ ڇهون ڀيرو غزه ۾ جنگ بندي خلاف پنهنجو ويٽو جو حق استعمال ڪيو آهي. غزه جي صحت وارن عملدارن موجب جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ هن وقت تائين 65 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. سلامتي ڪائونسل جي 10 غير مستقل ميمبرن پاڪستان، الجزائر، ڊينمارڪ، يونان، گيانا، پاناما، ڏکڻ ڪوريا، سيراليون، سلووينيا ۽ صوماليه ٺهراءُ جو مسودو پيش ڪيو جنهن ۾ سمورن يرغمالين جي فوري آزادي جو مطالبو ڪيو ويو، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پنج مستقل ميمبرن چين، فرانس، روس ۽ برطانيه ۽ آمريڪا کي ويٽو جو حق حاصل آهي ۽ اهي ملڪ مختلف موقعن تي ان جو حق استعمال ڪيو آهي. گذريل ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڏکڻ ڪوريا ڪئي جيڪو سيپٽمبر لاءِ سلامتي ڪائونسل جو صدر آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد آمريڪا جي ويٽو ڪرڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته 80 هين جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۽ اعليٰ سطحي هفتي جي موقعي تي هي سلامتي ڪائونسل ۾ هڪ انتهائي مايوس ڪندڙ لمحو آهي، هن چيو ته سلامتي ڪائونسل کي ڪارروائي روڪڻ واري اصل رڪاوٽ ويٽو جو استعمال آهي. هن چيو ته اها هڪ وڏي ذميواري آهي ۽ انهي هنڌ تي جوابدهي جي ضرورت آهي. هن غزه ۾ ماڻهن جي حالتن تي روشني وجهندي چيو ته 2 لک فسلطيني بمباري ۽ گهيراءُ ۾ ڦاٿل آهن، ان ناڪامي سان خطرناڪ پيغام وڃي ٿو ته فلسطينين جون زندگيون سياسي مفادن تي قربان ڪري سگهجن ٿيون.هن چيو ته جنگ بندي ۾ رڪاوٽ جو هر لمحو ان زخم کي وڌيڪ گهيرو ڪري ٿو ۽ غزه جي عوام جي تڪليف ۾ اضافو ڪري ٿو. سلامتي ڪائونسل جي هر ناڪامي ان اداري جي ساک کي نقصان پهچايو آهي. سلامتي ڪائونسل جي اڪثريت ذميواري جو مظاهرو ڪيو آهي، اسان گڏيل قومن جي منشور تحت پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي خودمختياري واري حق، وقار ۽ انصاف جي جدوجهد ۾ پختي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ فوري، غير مشروط ۽ مستقل جنگ بندي جو مطالبو ڪري ٿو. هن چيو ته گهيراءُ ۽ ڏڪار جو خاتمو ۽ غزه جي سمورن علائقن ۾ امداد جي فراهمي لاءِ سمورا داخلا وارا رستا مڪمل طور تي کولڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته فسلطيني مسئلي جي منصفاڻي، پائيدار ۽ پرامن حل لاءِ هڪ خودمختيار، جامع ۽ بقاءَ جوڳي فلسطيني رياست جو قيام اڻٽر آهي جنهن جون سرحدون 1967ع کان پهرين جي حدن تي ٻڌل هجن ۽ ان جو گادي وارو هنڌ القدس الشريف هجي. هن چيو ته غزه جي صورتحال کي پوري دنيا ڏسي رهي آهي، معصوم ٻارن جو دانهون برداشت کان ٻاهر آهن، مائرن جو ڏک اسان جي ضمير جي جهنجهوڙيندڙ آهي. فلسطين ان سلامتي ڪائونسل مان اميد لڳائي ويٺو آهي ۽ اسان ان کان اکيون هٽائي نٿا سگهون.

مزید خبریں