پاڪ چين دوستي منفرد، وقت جي آزمايل ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهي: صدر آصف علي زرداري

ارومچي – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪ چين دوستي منفرد، وقت جي آزمايل ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهي، پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف چين سان گڏجي ڪم جاري رکندو ۽ زراعت، مينوفيڪچرنگ، لائيو اسٽاڪ، صنعت،کاڻين جي کوٽائي ۽ نئين ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه …

ارومچي – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪ چين دوستي منفرد، وقت جي آزمايل ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهي، پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف چين سان گڏجي ڪم جاري رکندو ۽ زراعت، مينوفيڪچرنگ، لائيو اسٽاڪ، صنعت،کاڻين جي کوٽائي ۽ نئين ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اها ڳالهه صدر آصف علي زرداري ارومچي ۾ سنڪيانگ اويغور خودمختيار علائقي جي ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري چن شيائو جيانگ سان ملاقات دوران چئي. ان موقعي تي سنڪيانگ اويغور خودمختيار علائقي جو گورنر ارڪن تونياز پڻ موجود هو. ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري چن شيائو جيانگ صدر جو شاندار استقبال ڪيو ۽ صدر آصف علي زرداري جي 2011ع ۾ هڪ نمائش (ايڪسپو) ۾ شرڪت جي لاءِ ارومچي دوري جو ذڪر ڪيو. هن صدر جي هن سال فيبروري ۾ بيجنگ جي دوري جو پڻ ذڪر ڪيو جتي هن صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي تازي دوري تي پڻ روشني وڌي جيڪو شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس ۽ چيني انقلاب جي فتح جي 80هين سالگرهه ۾ شرڪت جي لاءِ ڪيو ويو جنهن دوران صنعت، زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ ٻين شعبن ۾ اربين ڊالر جي معاهدن سان گڏ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جي شروعات جي رفتار کي تيز ڪيو ويو. پارٽي سيڪريٽري ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سنڪيانگ هاڻي خوشحالي، معاشرتي استحڪام ۽ پائيدار امن جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، جنهن جو جي ڊي پي 5.6 کرب يوآن کان وڌي ويو آهي. هن چيو ته هي خطو انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي پاڙن کي نشانو بڻائيندي زراعت ۽ چوپايو مال پالڻ جي شعبن ۾ ترقي ڪري رهيو آهي. هن اهو به ٻڌايو ته بلوچستان جي گورنر ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير تازو ئي سنڪيانگ جو دورو ڪيو. چن شيائو جيانگ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سسٽر سٽي جا 8 معاهدا موجود آهن جن ۾ ارومچي ۽ پشاور جي وچ ۾ معاهدو پڻ شامل آهي. هن چيو ته سنڪيانگ پاڪستان سان حڪومت سان حڪومت (جي ٽو جي) ۽ ڪاروبار سان ڪاروبار (بي ٽو بي) تعاون خاص طور تي زراعت، چوپايو مال پالڻ، کاڻين جي کوٽائي ۽ صنعت جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن يقين ڏياريو ته چين ۽ پاڪستان ٻنهي ملڪن کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگرد گروهن جي خلاف عدم برداشت برقرار رکندا ۽ سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ گڏيل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر سنڪيانگ جو دورو ڪري رهيو آهي ۽ کيس چيني عوام جي يڪجهتي ۽ خطي جي شاندار ترقي جي تمام گهڻي خوشي آهي. هن ورجاءُ ڪيو ته پاڪ چين دوستي منفرد، وقت جي آزمايل ۽ پاڪستان پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهي. صدر چيو ته پاڪستان دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف چين سان گڏجي ڪم جاري رکندو جڏهن ته زراعت، مينوفيڪچرنگ، لائيو اسٽاڪ، صنعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ نئين ٽيڪنالاجيز جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته سنڪيانگ ۽ پاڪستان جي اترئين علائقن جي وچ ۾ وڌندڙ لاڳاپا ثقافتي ۽ معاشي رشتن کي وڌيڪ مضبوط ڪندا. صدر چيو ته هو ان ڏينهن جو منتظر آهي جڏهن ته ٻئي ملڪ رستي جي ذريعي آساني سان هڪ ٻئي تائين پهچي سگهندا. سنڪيانگ جي سي پيڪ ۾ اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي صدر صنعتي ۽ زرعي تعاون کي وڌائڻ جي ترغيب ڏني ۽ گلگت بلتستان ۾ خصوصي اقتصادي زونز جي صلاحيت جو حوالو ڏنو. هن سنڪيانگ جي عوام کي پاڪستان جي اترئين علائقن جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان سدائين چين جو سڀ کان اعتماد جوڳو پارٽنر ۽ اعتماد جوڳو دوست رهندو. ان ملاقات کانپوءِ صدر ۽ سندس وفد جي اعزاز ۾ چن شيائو جيانگ جي ميزباني ۾ آجياڻي جو اهتمام ڪيو ويو. ان موقعي تي سينيٽر سليم مانڊوي والا، سنڌ جو توانائي وارو وارو سيد ناصر شاهه، چين ۾ پاڪستان جو سفير ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير پڻ موجود هئا.

مزید خبریں