حڪومت ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خاص توجهه ڏئي رهي آهي: هارون اختر خان

اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر چيو آهي ته حڪومت ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي هٿي وٺرائڻ تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي، وڏي انگ ۾ روزگار جا موقعا وڌائڻ ۾ ايس ايم ايز جو اهم ڪردار آهي، سميڊا جهڙا ادارا پاڪستان لاءِ نهايت اهم آهن. هن اها ڳالهه سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا)جي بورڊ …

اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر چيو آهي ته حڪومت ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي هٿي وٺرائڻ تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي، وڏي انگ ۾ روزگار جا موقعا وڌائڻ ۾ ايس ايم ايز جو اهم ڪردار آهي، سميڊا جهڙا ادارا پاڪستان لاءِ نهايت اهم آهن. هن اها ڳالهه سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائزز ڊولپمينٽ اٿارٽي (سميڊا)جي بورڊ جي 31هين اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس جي شروعات ۾ وزيراعظم جي خاص مددگار نئين بورڊ ميمبرن کي ڀليڪار چيو ۽ اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي سميڊا جو نئون ڍانچو حتمي شڪل اختيار ڪري ويو آهي ۽ سميڊا جي نئين ماڊل ۾ آئوٽ سورسنگ ۽ پاليسي پروگرام ڊزائين تي توجهه ڏني ويندي. خاص مددگار چيو ته وزيراعظم سميڊا لاءِ آئوٽ سورسنگ ماڊل اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. هن چيو ته سميڊا جا علائقائي آفيس آزاد ڪشمير، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ به قائم ٿيندا. سميڊا جي سي اي او جي مقرري تي به غور ٿي رهيو آهي ۽ وزيراعظم جي هدايت موجب فوري مقرري ٿيندي. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته هيومن ريسورسز ڪميٽي سي اي او جي مقرريءَ لاءِ نامزد ڪئي وئي آهي. هارون اختر چيو ته سميڊا جا ادارا پاڪستان لاءِ انتهائي اهم آهن. ان ۾ بي پناهه صلاحيت آهي، وزيراعظم شهباز شريف سميڊا ۾ انتهائي دلچسپي رکي ٿو. سميڊا جي سي اي او جي مقرري صرف ۽ صرف ميرٽ تي ٿيندي ۽ شفافيت ۽ ميرٽ تي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته سميڊا عورتن ۽ مائڪرو انٽر پرائيزز تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. سمال اينڊ ميڊيم انٽر پرائيز تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيا آهن. سميڊا جو ڪردار اهم آهي. هن چيو ته حڪومت ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي. وڏي انگ ۾ روزگار جا موقعا وڌائڻ ۾ ايس ايم ايز جو ڪردار اهميت وارو آهي.

مزید خبریں