اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) چيني ناظم الامور شي يانڪيانگ اين ڊي ايم اي ۾ نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر جو دورو ڪيو جتي کيس اين ڊي ايم اي طرفان تازي ٻوڏ واري صورتحال ۽ امدادي ڪاررواين جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اين ڊي ايم اي ترجمان موجب اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ جي متاثر علائقن ۾ رليف ۽ ريسڪيو قدمن تي تفصيلي بريفنگ …
چيني ناظم الامور شي يانڪيانگ پاران نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر جو دورو، ٻوڏ واري صورتحال جي حوالي سان بريفنگ

مزید خبریں
اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) چيني ناظم الامور شي يانڪيانگ اين ڊي ايم اي ۾ نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر جو دورو ڪيو جتي کيس اين ڊي ايم اي طرفان تازي ٻوڏ واري صورتحال ۽ امدادي ڪاررواين جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اين ڊي ايم اي ترجمان موجب اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ جي متاثر علائقن ۾ رليف ۽ ريسڪيو قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اين ڊي ايم اي طرفان صوبائي ۽ علائقائي ادارن سان جامع حڪمت عملي ۽ گڏيل قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. معزز مهمان جنهن کي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن طرفان جاري امدادي ۽ بحالي قدمن جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو، کيس آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ اڳواٽ قدمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ موسمي صورتحال جي جائزي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال تي بريفنگ ڏني وئي. چيني ناظم الامور اين ڊي ايم اي جي وقت سر قدمن ۽ موثر ريسپانس کي ساراهيندي پاڪستان جي آفتن کي منهن ڏيڻ واري شعبي کي بهترين قرار ڏنو ۽ چيني حڪومت طرفان شي يانڪيانگ جي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.











