پاڪستاني عورت جبل چاڙهون جي تاريخي ڪاميابي، 5400 ميٽر ڊگهي چوٽي سر ڪري ورتي

اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) الپائن ڪلب آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي عورت جبل چاڙهوئن تاريخي ڪاميابي حاصل ڪندي 5400 ميٽر ڊگهي بري لا چوٽي سر ڪري ورتي. ان چئن ڏينهن واري مهم جي شروعات 7 سيپٽمبر تي اسڪردو مان ٿي، جنهن ۾ پاڪستان جي چئني صوبن سميت گلگت بلتستان ۽ ڪشمير سان تعلق رکندڙ عورتن حصو ورتو. ان مهم ۾ ڪي پي ڪي مان ماريه …

اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) الپائن ڪلب آف پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي عورت جبل چاڙهوئن تاريخي ڪاميابي حاصل ڪندي 5400 ميٽر ڊگهي بري لا چوٽي سر ڪري ورتي. ان چئن ڏينهن واري مهم جي شروعات 7 سيپٽمبر تي اسڪردو مان ٿي، جنهن ۾ پاڪستان جي چئني صوبن سميت گلگت بلتستان ۽ ڪشمير سان تعلق رکندڙ عورتن حصو ورتو. ان مهم ۾ ڪي پي ڪي مان ماريه بنگش، گلگت بلتستان مان زيبا بتول، پنجاب مان بسمه حسن، بلوچستان مان لاريب بتول، سنڌ مان مديحه سيد، اسلام آباد مان شاهرين خان ۽ انڊپينڊنٽ اردو جي صحافي مونا خان حصو ورتو. مهم جي قيادت عورت اڳواڻ بي بي افزون ڪئي. الپائن ڪلب آف پاڪستان جي سيڪريٽري اياز شگري چيو ته عورتن جو جبلن طرف اهو قدم بااختياري جي علامت آهي. عام، طور تي غير نصابي سرگرمين ۾ تمام گهٽ موقعا ملندا آهن. ان لاءِ اسان مستقبل ۾ پڻ ان قسم جا پروگرام منعقد ڪندا رهنداسين.

مزید خبریں