اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق نشان حيدر ميجر عزيز ڀٽي شهيد کي سندس 60 هين ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر عزيز ڀٽي شيهد جي قرباني قومي تاريخ جو سنهري باب آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته نشان حيدر ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي بي مثال قرباني جو اعتراف آهي. قوم پنهنجي عظيم سپوٽ ميجر عزيز ڀٽي …
ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي قرباني قومي تاريخ جو سنهري باب آهي: اسپيڪر سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق نشان حيدر ميجر عزيز ڀٽي شهيد کي سندس 60 هين ورسي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر عزيز ڀٽي شيهد جي قرباني قومي تاريخ جو سنهري باب آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته نشان حيدر ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي بي مثال قرباني جو اعتراف آهي. قوم پنهنجي عظيم سپوٽ ميجر عزيز ڀٽي شهيد کي هميشه ياد رکندي. ميجر عزيز ڀٽي شهيد 1965ع جي جنگ ۾ بي مثال دليري ڏيکاري. نشان حيدر ميجر عزيز ڀٽي شهيد جي بهادري کي سلام پيش ڪريان ٿو.. لاهور جي برڪي سيڪٽر ۾ پنج ڏينهن تائين دشمن جو بهادري سان مقابلو ڪندي ميجر عزيز ڀٽي شهيد 12 سيپٽمبر 1965ع تي شهادت جو رتبو ماڻيو.هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج هميشه وطن جي سرحدن جي حفاظت ڪئي.











