اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري بنون ۾ فتنه الخوارج خلاف بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ميجر عدنان اسلم شهيد جي رهائشگاهه جو دؤرو ڪيو ۽ شهيد جي والدين ۽ ڪٽنب سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير محسن نقوي شهيد ميجر جي ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان جي پُٽ …
گهرو معاملن واري وفاقي وزير ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير ميجر عدنان اسلم شهيد جي گهر پهچي تعزيت ڪئي
اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ۽ گهرو معاملن واري مملڪتي وزير طلال چوڌري بنون ۾ فتنه الخوارج خلاف بهادريءَ سان وڙهندي شهادت ماڻيندڙ ميجر عدنان اسلم شهيد جي رهائشگاهه جو دؤرو ڪيو ۽ شهيد جي والدين ۽ ڪٽنب سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير محسن نقوي شهيد ميجر جي ڪٽنب سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان جي پُٽ بهادري ۽ـ شجاعت جي نئين داستان لکي آهي. زخمي حالت ۾ به پنهنجي ساٿين جو دفاع ڪندڙ عدنان اسلم قوم جو هيرو آهي. هن چيو ته اوهان جي بلند حوصلي ۽ عزم کي سلام پيش ڪريان ٿو، اهوئي حوصلو ۽ عزم قوم جي اصل طاقت آهي. مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو ته شهيد ميجر جي عظيم قرباني ڪڏهن به رائيگان نه ويندي. شهيدن جي خاندانن جي لازوال قربانين جو قوم قرضي آهي جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ان موقعي تي شهيد جي والد چيو ته منهنجي بهادر پُٽ ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري اسان جو ڳاٽ اونچو ڪيو، جيڪڏهن منهنجا 10 پُٽ هجن ته به وطن تان قربان آهن. شهيد جي والده بلند حوصلي جو مظاهرو ڪندي چيو ته مون کي پنهنجي پُٽ تي فخر آهي. هن جان قربان ڪري منهنجي خواهش پوري ڪئي.












