سيالڪوٽ-12 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته هاڻوڪي پاڪ- ڀارت جنگ ۾ الله تعاليٰ جي مدد سان پاڪستان عظيم ڪاميابي حاصل ڪئي، اسان جي پوري قوم ”بنيان المرصوص“ شيهي جي ڀت بڻجي وئي هئي، اسان جي بهادر جوانن جو جذبو حب الوطني ڏسڻ وٽان هئي جيڪي پنهنجي وطن تي پنهنجون جانيون قربان ڪرڻ فخر سمجهندا هئا ۽ پنهنجي ڌرتي ماءُ جي هڪ …
هاڻوڪي پاڪ- ڀارت جنگ ۾ الله تعاليٰ جي مدد سان پاڪستان عظيم ڪاميابي حاصل ڪئي: خواجه محمد آصف
سيالڪوٽ-12 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته هاڻوڪي پاڪ- ڀارت جنگ ۾ الله تعاليٰ جي مدد سان پاڪستان عظيم ڪاميابي حاصل ڪئي، اسان جي پوري قوم ”بنيان المرصوص“ شيهي جي ڀت بڻجي وئي هئي، اسان جي بهادر جوانن جو جذبو حب الوطني ڏسڻ وٽان هئي جيڪي پنهنجي وطن تي پنهنجون جانيون قربان ڪرڻ فخر سمجهندا هئا ۽ پنهنجي ڌرتي ماءُ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت لاءِ شيهي جي ڀت بڻجي بيٺا هئا، ان لمحي جو به اکين ڏٺو شاهد آهيان، جڏهن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان تاريخي ويڙهه کي ”بنيان المرصوص“ جو نالو ڏنو، جنگ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ ان بهادر جوانن سان ملاقات ڪئي جن ڀارتي ايئرفورس جو مقابلو ڪيو، ان ۾ هڪ نياڻي به شامل هئي، اهو منظر ايترو ته روح لڀائيندڙ هو جو اوهان سوچي به نٿو سگهان، مان ان کي بيان نٿو ڪري سگهان. اهڙو اظهار هن گورنمينٽ ڪاليج وومين يونيورسٽي سيالڪوٽ ۾ يومِ دفاع جي مناسبت سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم سان ايئر بيس تي نوجوانن جو جذبو ڏسي دل فخر سان بلند ٿيو. هن چيو ته شهيد ميجر رمضان پنهنجي ساٿين کي بچائيندي پنهنجي جان قربان ڪئي ۽ـ شهيد جي والده پُٽ جي شهادت تي فخر جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان جا شهيد قوم جا اصل محسن آهن. هن چيو ته اسان جنگ وڙهي ۽ الله تعاليٰ ڪمال مهرباني فرمائي ۽ اسان کي فتح نصيب ٿي. هن چيو ته مان سڄي دنيا ۾ جتي به وڃان ٿو ته ماڻهو اهو پُڇن ٿا ته هي سڀ ڪيئن ممڪن ٿيو، کين ٻُڌائيندو آهيان ته ان جنگ دوران اسان جي بهادر فوج جو جذبو ۽ ايمان ڏسڻ وٽان هو ۽ پنهنجي وطنِ عزيز جي محبت سان سرشار هو، منهنجي لاءِ هي اعزاز جي ڳالهه آهي ته مون ان ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. بچاءَ واري وزير جو چوڻ هو ته آپريشن بنيان المرصوص دوران اسان جي ڪجهه جهازن دشمن جي سوين جهازن جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ ٺيڪ ٺيڪ نشان لڳائي تاريخ رقم ڪئي ۽ دشمن جي ناپاڪ عزمن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته اهوئي سبب آهي ڀارتي قيادت اڄ پنهنجا زخم چَٽي رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي فوج 400 ڪلوميٽر اندر تائين ڀارت جي فضائيه کي ناڪام بڻايو ۽ دشمن جا اربين ڊالر سان ٺهيل سسٽمز کي تباهه ڪيو. هن چيو ته پوري دنيا پاڪستان جي بيانيي کي تسليم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اڄ جو پاڪستان 1965ع جي روح کان سرشار آهي، پاڪستاني قوم کي مٽيءَ سان غير مشروط محبت آهي. هن چيو ته اسان جي نوجوانن دنيا کي ٻُڌايو ته پاڪستان فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي، الله تعاليٰ قوم کي هڪ اهڙو لمحو عطا ڪيو جيڪو اسان هميشه ياد رکنداسين. پاڪستاني عوام جتي به وڃي دنيا ۾ فخر سان ڳاٽ اونچو ٿيندو آهي. خواجه محمد آصف جو چوڻ هو ته جي سي وومين ڪاليج يونيورسٽي جي شاگردياڻين قرائت، نعت ۽ اقبال جو ڪلام ٻُڌائي محفل کي وڻندڙ بڻائي ڇڏيو.












