ايران، افغانستان ۽ روس سان بارٽر ٽريڊ مڪينزم ۾ اهم ترميمن جي تجويز

اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وزارت ايران، افغانستان ۽ روس سان بارٽر ٽريڊ کي آسان بنائڻ لاءِ پاڪستان جي بارٽر ٽريڊ مڪينزم (آيس آر او 642 (1) 2023) ۾ اهم ترميمن جي تجويز ڏني آهي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب دستاويزن موجب اهو تجويز مسودو واپار واري وزارت طرفان سرڪاري ۽ نجي اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري ۽ بعد ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، پرڏيهي وزارت ۽ پاڪستان …

اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وزارت ايران، افغانستان ۽ روس سان بارٽر ٽريڊ کي آسان بنائڻ لاءِ پاڪستان جي بارٽر ٽريڊ مڪينزم (آيس آر او 642 (1) 2023) ۾ اهم ترميمن جي تجويز ڏني آهي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب دستاويزن موجب اهو تجويز مسودو واپار واري وزارت طرفان سرڪاري ۽ نجي اسٽيڪ هولڊرز سان صلاح مشوري ۽ بعد ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، پرڏيهي وزارت ۽ پاڪستان سنگل ونڊو سان مشاورت کانپوءِ تيار ڪيو ويو آهي. بارٽر ٽريڊ فريم ورڪ پهرين جون 2023ع تي شروع ڪيو ويو هو ته جيئن پاڙيسري ملڪن سان غير نقد ادائگين تي ٻَڌل واپار کي ممڪن بڻائي سگهجي. تجويز ترميمن تحت بارٽر ٽريڊ جي طريقيڪار کي وڌيڪ آسان بنائڻ لاءِ ڪيتريون ئي اهم تجويزون آيون آهن. تجويزن موجب ايس آر او ۾ داخل درآمدي شين جي خاص فهرست ختم ڪري ان کي امپورٽ پاليسي آرڊر/ايڪسپورٽ پاليسي آرڊر 2022ع سان هم آهنگ ڪيو ويندو. وڌيڪ اهو ته منظور ٿيل ۽ غير منظور ٿيل ادارن جي تصديق جو طريقيڪار جيڪو هن وقت پاڪستاني مشنز يا پرڏيهي وزارت کان لازمي آهي، ان کي نجي ادارن طرفان پاڻ ڏنل خاطرين ۾ بدلائڻ جي تجويز آهي، جن ۾ هو گڏيل قومن ۽ عالمي پابندين جي پاسداري جي تصديق ڪندا. اهڙيءَ طرح ”درآمد کان پوءِ روانگي واپار“ جي شرط کي هڪ وڌيڪ لچڪدار فارمولي ”آمدني/روانگي واپار“ سان بدلڻ جي تجويز آهي. ٻئي طرف نجي ادارن کي بارٽر ٽريڊ لاءِ ڪنسورشيم بنائڻ جي اجازت هوندي ته جيئن ٻه يا ٻن کان وڌيڪ پاڪستاني ڪمپنيون گڏجي غير ملڪي حصيدارن سان معاهدو ڪري سگهن. واپاري ڌُرين کي اهو لازمي هوندو ته ڪسٽمز جي ريگيوليٽري نگرانيءَ ۾ هر ٽه ماهي يعني 120 ڏينهن اندر اندر پنهنجي آمدني ۽ روانگي واپار جي ماليت جو حساب برابر ڪن. فراهم ڪيل خدشن موجب ايف بي آر تجويز ڏني آهي ته پاڪستاني واپارين ۽ پرڏيهي چيمبرز آف ڪامرس ٻنهي سان اها خاطري ورتي وڃي ته معاهدو ڪندڙ ادارا پابندين جي زد ۾ نه آهن. ان سان گڏ ئي هي شق شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي ته ڪنسورشيم جا سمورا ميمبر ڪسٽمز ايڪٽ 1969ع ۽ امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ڪنٽرول ايڪٽ 1950ع تحت اجتماعي ۽ انفرادي طور ذميدار هوندا. پرڏيهي وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ ان نئين فريم ورڪ تي اتفاق راءِ ظاهر ڪيو آهي ته جيئن پاڪستان سنگل ونڊو نشاندهي ڪئي آهي ته واپاري جيڪي خاطريون ۽ ويباڪ پليٽ فارم تي اپ لوڊ ڪندا انهن کي اليڪٽرانڪ طور ويري فاءِ نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته لاڳاپيل ادارن جي غير منظور ٿيل حيثيت جي تصديق جي ذميداري ڪسٽم تي هوندي. تجويز ڪيل ترميمن تي ٻَڌل نئون مسودو اڳ ئي لا ڊويزن کان ڪليئر ٿي چڪو آهي. واپار واري وزارت هاڻ وفاقي ڪابينه کان منظوري وٺڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ نئون ايس آر او جاري ڪري سڌارا ٿيل بارٽر ٽريڊ مڪينزم کي باضابطه طور تي لاڳو ڪيو ويندو.