اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) سملي ڊيم جو پاڻي پنهنجي وڌ کان وڌ گنجائش جي سطح 2315.45 فوٽ تائين پهچي ويو جنهن کانپوءِ ان جي مرڪزي اسپل وي جو هڪ دروازو 2 فوٽ تائين کوليو ويو آهي. ان دوران پاڻي جو ڇوڙ اٽڪل 1700 ڪيوسڪ ٿيو جيڪو ان جي وڌ کان وڌ ڇوڙ جي صلاحيت جو صرف 4 سيڪڙو آهي. اين ڊي ايم اي موجب اسپل وي کولڻ کان …
سملي ڊيم ڀرجي ويو، مرڪزي اسپل وي جو هڪ دروازو کوليو ويو
اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) سملي ڊيم جو پاڻي پنهنجي وڌ کان وڌ گنجائش جي سطح 2315.45 فوٽ تائين پهچي ويو جنهن کانپوءِ ان جي مرڪزي اسپل وي جو هڪ دروازو 2 فوٽ تائين کوليو ويو آهي. ان دوران پاڻي جو ڇوڙ اٽڪل 1700 ڪيوسڪ ٿيو جيڪو ان جي وڌ کان وڌ ڇوڙ جي صلاحيت جو صرف 4 سيڪڙو آهي. اين ڊي ايم اي موجب اسپل وي کولڻ کان اڳ ويجهي آبادين کي محفوظ رهڻ ۽ مقامي انتظاميه جي هدايتن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. انتظاميه طرفان لاڳاپيل علائقي جي رهواسين کي ٽيليفون ۽ سائرن ذريعي به خبردار ڪيو پيو وڃي.












