اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پنجاب ۾ تازي ٻوڏ جي تباهين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها تباهي ڀارتي پاڻي جارحيت جو نتيجو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني متاثر خاندانن سان دلي همدرديءَ ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ جاني ۽ مالي نقصانن تي افسوس جو اظهار …
وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران پنجاب ۾ تازي ٻوڏ جي تباهين تي ڏک جو اظهار
اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پنجاب ۾ تازي ٻوڏ جي تباهين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها تباهي ڀارتي پاڻي جارحيت جو نتيجو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان ۾ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني متاثر خاندانن سان دلي همدرديءَ ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ جاني ۽ مالي نقصانن تي افسوس جو اظهار ڪيو. وقتي صدر چيو ته ٻوڏ سبب هزارين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ عوام شديد مشڪلاتن جو شڪار آهي. هن ملتان ۽ ڀرپاسي ٻوڏ صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته وبائي مرضن جي ڦهلجڻ جو خطرو آهي. وقتي صدر هدايت ڪئي ته عوام کي بيمارين کان بچائڻ جي لاءِ فوري طبي امداد فراهم ڪئي وڃي ۽ ميڊيڪل ٽيمن جي متاثر علائقن تائين وقت سر پهچ يقيني بڻائي وڃي. هن غذائي جنسن، صاف پاڻي ۽ ٻين ريليف شين جي فراهمي ۾ به تيزي آڻڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته عوام کي وڌيڪ نقصانن کان بچائڻ جي لاءِ ريليف آپريشن ۾ بهتري آندي وڃي ۽ وفاقي ۽ صوبائي ادارا متاثرين جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن. وقتي صدر ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي متاثر عوام جي ڀرپور مدد ڪندي ۽ انهن کي مشڪل وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.












