اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) جرئت ۽ بهادري جو هڪ اهڙو مثال قائم ڪيو آهي جيڪو سدائين لاءِ ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته آئُون ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) کي انهن جي 60هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته 1965ع جي پاڪ-ڀارت جنگ دوران …
ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد نشان حيدر جي جرئت ۽ بهادري کي سدائين لاءِ ياد رکيو ويندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) جرئت ۽ بهادري جو هڪ اهڙو مثال قائم ڪيو آهي جيڪو سدائين لاءِ ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته آئُون ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) کي انهن جي 60هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته 1965ع جي پاڪ-ڀارت جنگ دوران ميجر راجا عزيز ڀٽي شھيد (نشان حيدر) مسلسل پنج ڏينهن تائين دشمن جي حملي کي ناڪام بڻائي لاهور تي قبضو ڪري دشمن جي جشن ملهائڻ جي ڪڌن ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. ميجر راجا عزيز ڀٽي شھيد (نشان حيدر) ۽ سندس خاندان تي مُون سميت پوري قوم کي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ڏينهن رات وطن جي دفاع ۾ مصروف آهي. جڏهن به دشمن پاڪستان ڏانهن ميري اک کڻي ڏٺو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ سپاهين شهيد راجا عزيز ڀٽي (نشان حيدر) وانگر شيهي جي ديوار بڻجي مُلڪ جي حفاظت ڪئي. هن چيو ته پوري قوم پاڪستان جي حفاظت جي مُسلسل عزم ۾ پنهنجي بهادر فوجن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي.












