اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) وزيراعظم جي خاص هدايت تي ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ 5 هزار خيما ۽ امدادي سامان پنجاب روانو ڪري ڇڏيو. اين ڊي ايم اي موجب اسلام آباد ۾ موجود ويئر هائوس مان روانو ڪيل امدادي سامان ۾ پنج هزار خيما شامل آهن، جيڪي پنجاب پهچڻ تي پي ڊي ايم اي حوالي ڪيا ويندا. ترجمان ٻڌايو ته هن …
ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ 5 هزار خيما ۽ امدادي سامان پنجاب روانو ڪيو ويو: اين ڊي ايم اي
اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) وزيراعظم جي خاص هدايت تي ٻوڏ متاثر علائقن لاءِ 5 هزار خيما ۽ امدادي سامان پنجاب روانو ڪري ڇڏيو. اين ڊي ايم اي موجب اسلام آباد ۾ موجود ويئر هائوس مان روانو ڪيل امدادي سامان ۾ پنج هزار خيما شامل آهن، جيڪي پنجاب پهچڻ تي پي ڊي ايم اي حوالي ڪيا ويندا. ترجمان ٻڌايو ته هن وقت تائين پنجاب کي اٽڪل 2 هزار ٽن امدادي سامان فراهم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ خيما، ڪمبل، مڇرداڻيون، رضايون، فولڊنگ بيڊ، پاڻي جا ڪين، فلٽريشن پلانٽس ۽ 17 ٻيڙيون شامل آهن. اين ڊي ايم اي سمورن سول ۽ عسڪري ادارن سان ويجهي رابطي ۾ آهي ۽ امدادي سرگرمين جي 24 ڪلاڪ نگراني ڪري رهي آهي ته جيئن متاثر عوام تائين وقت سر رليف پهچائي سگهجي.












