اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي هيرو ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس بي مثال جرئت ۽ لازوال قرباني هميشه قوم لاءِ مشعل راهه رهندي. اهڙو اظهار هن ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) جي ورسي جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ ميجر عزيز ڀٽي شهيد …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي هيرو ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس بي مثال جرئت ۽ لازوال قرباني هميشه قوم لاءِ مشعل راهه رهندي. اهڙو اظهار هن ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) جي ورسي جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ ميجر عزيز ڀٽي شهيد مادر وطن جي دفاع ۾ هڪ مضبوط ڍال بڻجي بيٺو ۽ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري اهڙو لازوال مثال قائم ڪيو جيڪو تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لکيل رهندو. هن وڌيڪ چيو ته نشان حيدر جو اعزاز سندس بي مثال بهادري ۽ لگن جو شاندار اعتراف آهي جيڪو پوري قوم لاءِ فخر جوڳو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ياد ڏياريو ته لاهور ويجهو برڪي سيڪٽر ۾ ميجر عزيز ڀٽي شهيد 12 سيپٽمبر 1965ع تي شهادت ماڻڻ کان اڳ دشمن خلاف 5ڏينهن ۽ راتيون بهادري سان وڙهيو. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون ان سبق جون تصديق ڪن ٿيون ته مادر وطن جي عزت، وقار ۽ خودمختياري کان وڌيڪ ڪا به شيءَ ناهي.











