لاهور-11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته نوجوان ڊجيٽل يوٿ هب تي رجسٽريشن ڪرائي تعليم، روزگار ۽ مهارتن جي انقلابي موقعن مان فائدو کڻن، هي پليٽ فارم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت نوجوانن کي عالمي معيار موجب تيار ڪرڻ ۽ قومي ترقيءَ ۾ حصيدار بڻائڻ لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي. هو ڪنيئرڊ ڪاليج ۾ هڪ تقريب کي خطاب …
نوجوان ڊجيٽل يوٿ هب تي رجسٽريشن ڪرائي تعليم، روزگار ۽ مهارتن جي انقلابي موقعن مان فائدو کڻن: رانا مشهود احمد خان

مزید خبریں
لاهور-11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان چيو آهي ته نوجوان ڊجيٽل يوٿ هب تي رجسٽريشن ڪرائي تعليم، روزگار ۽ مهارتن جي انقلابي موقعن مان فائدو کڻن، هي پليٽ فارم وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت نوجوانن کي عالمي معيار موجب تيار ڪرڻ ۽ قومي ترقيءَ ۾ حصيدار بڻائڻ لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي. هو ڪنيئرڊ ڪاليج ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته ڊجيٽل يوٿ هب ذريعي ميرٽ تي اسڪالرشپس، آن لائن ڪورسز، فري لانسنگ جي موقعا، انٽرنشپس ۽ اسٽارٽ اپس لاءِ سيڙپڪاريءَ جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي ته جيئن نوجوان پاڻڀرا ٿي ملڪ جي معيشت کي مضبوط بڻائي سگهن. هن اعلان ڪيو ته ايندڙ ٻن ٽن کان مهينن ۾ پاڪستان جي پهرين ”ايڊوليسنٽ يوٿ پاليسي“ ۽ ”اِي اسپورٽس پاليسي“ متعارف ڪرائي ويندي، انهن قدمن جو مقصد نوجوانن کي جديد موقعن تائين رسائي ڏيڻ ۽ کين قومي ترقيءَ جي عمل ۾ فعال حصيدار بڻائڻو آهي. هن چيو ته ڊجيٽل يوٿ هب ذريعي ميرٽ تي اسڪالرشپس، آن لائن ڪورسز، عالمي سطح جي سرٽيفڪيشنز، انٽرنشپ ۽ فري لانسنگ جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. ان سان گڏوگڏ ڪاروباري ذهن رکندڙ نوجوانن کي اسٽارٽ اپس لاءِ رهنمائي، مالي مدد ۽ سيڙپڪارن سان رابطن جي سهولت ڏني پئي وڃي ته جيئن اهي پاڻڀرا ٿي روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪري سگهن. هن چيو ته حڪومت اعليٰ تعليم جي خواهشمند نوجوانن کي مقامي ۽ عالمي اسڪالرشپس فراهم ڪري رهي آهي ته جيئن وسيلن جي کوٽ سبب ڪو شاگرد تعليم کان محروم نه رهي. هن شاگردياڻين تي زور ڀريو ته هو ان پليٽ فارم تي رجسٽريشن جي حڪومتي سهولتن مان ڀرپور فائدو کڻن. هن چيو ته اڳوڻي صوبائي وزير جي حيثيت سان هن پنهنجي تعليم جي باري ۾ کنيل قدمن جو به ذڪر ڪيو. هن چيو ته اسان جي نوجوانن ۾ بي پناهه صلاحيتون موجود آهن جيڪڏهن کين رهنمائي ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته اهي دنيا کي فتح ڪرڻ جي صلاحيت به رکن ٿا. هن شاگردياڻيون کي چيو ته هو خوشقسمت آهن جو هو لاهور جهڙي وڏي شهر جي بهترين يونيورسٽيءَ ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. ملڪ جي ڏورانهن علائقن جا نوجوان به انهن سهولتن لاءِ منتظر آهن. هن چيو ته پاڪستان جي اصل طاقت نوجوان آهن، هي اها قوم آهي جنهن قربانين ۽ محنت ذريعي دنيا کي ٻُڌايو ته اسان ڪنهن کان پوئتي نه آهيون. آپريشن بنيان المرصوص هجي يا ڀارتي دفاعي نظام کي هيڪ ڪري پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ، پاڪستاني نوجوانن هميشه پنهنجي هاڪ مڃرائي آهي. هن چيو ته اسان جي اصل سُڃاڻپ پاڪستان آهي ۽ پاڪستاني هجڻ تي اسان کي فخر هئڻ گهرجي. دشمن اهو سمجهي ٿو ته پاڪستاني قوم ورهايل آهي پر حقيقت هيءَ آهي ته اها قوم دشمن آڏو شيهي جي ڀت وانگر بيهندي آهي. تقريب جي پڄاڻيءَ ۾ معزز مهمانن کي شيلڊز ڏنيون ويون.











