عراقي فضائيه جي ڪمانڊر جو ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد جو دؤرو

اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) عراقي فضائيه جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل اسٽاف پائليٽ مهند غالب مراضي راضي الاسدي جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي دفاعي وفد ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ چيف آف ايئر اسٽاف پاڪستان ايئرفورس، ايئر چيف مارشل ظهر احمد بابر سڌو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ گڏيل تعاون جي مختلف رُخن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ خاص ڪري گڏيل …

اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) عراقي فضائيه جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل اسٽاف پائليٽ مهند غالب مراضي راضي الاسدي جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي دفاعي وفد ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ چيف آف ايئر اسٽاف پاڪستان ايئرفورس، ايئر چيف مارشل ظهر احمد بابر سڌو سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ گڏيل تعاون جي مختلف رُخن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ خاص ڪري گڏيل تربيت، سگهه ۾ واڌ ۽ ايوي ايشن انڊسٽريءَ ۾ اڳڀرائي شامل هئا. ايئر هيڊ ڪوارٽرز پهچڻ تي پاڪستان ايئرفورس جي چست جٿي معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ گهرن مذهبي ۽ تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ انهن کي ٻنهي ملڪن جي فضائي فوج جي پُراڻن لاڳاپن جو بنياد قرار ڏنو. هن عراقي فضائيه کي تربيت جي شعبي ۾ پاڪستان ايئرفورس جي پُختي مدد جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته پاڪ فضائيه عراقي فضائيه جي سگهه ۾ واڌ لاءِ قدمن کي جاري رکندي. ٻنهي ڪمانڊرز گڏيل مشقن، روايتي پروگرام منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن دوستيءَ کي وڌيڪ مستحڪم ۽ عملي هم آهنگي کي هٿي ڏئي سگهجي. عراقي فضائيه جي ڪمانڊر شاندار آڌرڀاءُ ۽ مهمان نوازيءَ تي ٿورو مڃيندي پاڪ فضائيه جي ويزنري قيادت کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ـ خطي ۾ هڪ جديد، پيشيوراڻي ۽ ٽيڪنالاجي سان تيار فضائيه ۾ ان جي تبديليءَ کي ساراهيو. هن پنهنجي فضائيه جي تربيتي نظام کي بنيادي کان وٺي اعليٰ عملي ۽ حربي سطح تي نئين سر تيار ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ پاڪ فضائيه جي تعاون جي خواهش ظاهر ڪئي. عراقي ڪمانڊر اهو به چيو ته ان جي فضائيه پاڪ فضائيه جي پائليٽس سان مٽاسٽا ۽ مقررين مان سکڻ جي موقعن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. هن نيشنل ايرو اسپيس سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پارڪ ۾ پاڪ فضائيه جي جديد قدمن، مقامي صلاحيتن ۽ گڏيل بين الويزن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي تاثر جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته عراقي فضائيه به اهڙي قسم جي عراق ۾ اهڙو نظام قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي جيڪو اڪيڊيميا، صنعت ۽ فوجي گهرجن کي گڏ ڪري. بعد ۾ معزز مهمان نيشنل آءِ ايس آر اينڊ انٽيگريٽڊ ايئر آپريشنز سينٽر ۽ پي اي ايف سائبر ڪمانڊ جو دؤرو ڪيو، جتي کيس پاڪ فضائيه جي آپريشنل صلاحيتن ۽ فني قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. عراق جي ان اعليٰ سطحي دفاعي وفد جو دؤرو پاڪستان ۽ عراق وچ ۾ عسڪري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو عڪاس آهي.

مزید خبریں