عمره ايڪٽ منظور ٿي چڪو آهي، هاڻ ڪنهن به فقير کي عمري تي موڪلڻ جو موقعو نه ملندو: سردار محمد يوسف

اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته عمره ايڪٽ منظور ٿي چڪو آهي، عمري تي ويندڙ ڪيترائي زيارتي سعودي عرب ۾ پِنڻ شروع ڪري ڏيندا هئا، جنهن سان ملڪ جي بدنامي ٿيندي هئي، هاڻ ڪنهن به فقير کي عمري تي موڪلڻ جو موقعو نه ملندو. حج ۽ عمره ايگزيبيشن 2025ع جي پري لانچ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته …

اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته عمره ايڪٽ منظور ٿي چڪو آهي، عمري تي ويندڙ ڪيترائي زيارتي سعودي عرب ۾ پِنڻ شروع ڪري ڏيندا هئا، جنهن سان ملڪ جي بدنامي ٿيندي هئي، هاڻ ڪنهن به فقير کي عمري تي موڪلڻ جو موقعو نه ملندو. حج ۽ عمره ايگزيبيشن 2025ع جي پري لانچ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته حج جي فرض جي ادائگيءَ دوران عبادت سان گڏوگڏ حج پانڌيئڙن لاءِ لازمي آهي ته هو سعودي قانونن جو به خيال رکن، ڇاڪاڻ ته حاجي پنهنجي ملڪ جا سفير هوندا آهن، ان لاءِ ملڪي عزت ۽ وقار جو خيال رکڻ بيحد ضروري آهي. هن چيو ته حج مالي ۽ بدني عبادت جو نالو آهي. وفاقي وزير طور ان حوالي سان مون کي عالم سڳورن ۽ ٻين ماڻهن جي مشاورت حاصل رهي آهي. 2013ع کان 2018ع تائين منهنجي وزارت واري دؤر ۾ حج انتظامن ۾ بهتري نظر آئي، ڇاڪاڻ ته اسان حج جي ٻين سمورن ڪيٽيگريز کي ختم ڪري صرف هڪ ڪيٽيگري رکي هئي ۽ حج جي حوالي سان جيڪي شڪايتون هيون اسان ان قدمن سان انهن جو به ڪافي حد تائين ازالو ڪيو. سردار محمد يوسف چيو ته حج جو سفر ڪو تفريحي يا ڪاروباري سفر ناهي هوندو، هي الله ۽ ان جي رسول اللهﷺ جي حڪمن تحت عبادت جو سفر آهي. وفاقي وزير چيو ته پوري ملڪ جي معاشي نظام کي اسلامي معاشي نظام بڻائڻ ته مشڪل آهي، جڏهن ته حج جي معاملن جي حد تائين اسان مالي معاملن ۾ اسلامي قانونن تي عملدرآمد ڪري سگهون ٿا. ان سلسلي ۾ پنهنجي اڳوڻي دؤر ۾ مولانا تقي عثماني سان مشورو ڪيو جنهن کان پوءِ اسان ميزان بئنڪ ۾ شرعيه اڪائونٽ کولي حاجين جي رقم رکڻ جو فيصلو ڪيو. اسان کي اهو ٻُڌايو ويو ته حاجين جي جمع رقم تي شرعيه اڪائونٽ ۾ وياج جو عمل دخل ناهي. هن چيو ته 2013ع کان 2018ع تائين منهنجي وزارت واري دؤر ۾ اسان پنج حج ڪرايا. سردار محمد يوسف جو چوڻ هو ته پرائيويٽ ۽ سرڪاري اسڪيمن جي سمورن حاجين جي ذميداري مذهبي معاملن واري وزارت جي آهي. اسان سعودي تعليم موجب پاليسي بڻائيندا آهيون. هن چيو ته هلندڙ سال ايندڙ حج 2026ع لاءِ وفاقي ڪابينه کان وقت سر حج پاليسي جي منظوري ورتي. وزيراعظم جي هدايت تي پرائيويٽ اسڪيم جي ڪوٽا 30 سيڪڙو ۽ سرڪاري اسڪيم جي ڪوٽا 70 سيڪڙو رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مقرر وقت اندر اندر سرڪاري ۽ پرائيويٽ حج اسڪيمن تحت درخواستن جي وصولي جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. وقت سر قدمن سبب ان ڀيري پاڪستان جي هڪ لک 79 هزار حج ڪوٽا تي عملدرآمد ٿيندو. هن چيو ته عمره ايڪٽ به منظور ٿي چڪو آهي، ان تي عملدرآمد يقين بڻايو ويندو. عمري تي ويندڙ ڪجهه زيارتي سعودي عرب ۾ اتي پنڻ شروع ڪري ڏيندا هئا جنهن سان ملڪ جي بدنامي ٿيندي هئي، هاڻ ڪنهن به فقير کي عمري تي موڪلڻ جو موقعو نه ملندو. هن چيو ته چين وانگر پاڪستان کي به حج ۽ عمري جي موقعي تي سعودي عرب لاءِ روانگي واپار ۾ واڌ تي توجهه ڏيڻي پوندي. حج ۽ عمره ايگزيبيشن ذريعي ماسٽر ٽرينرز جي تربيت ۽ ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ حج ۽ عمري جي موقعي تي سعودي عرب لاءِ روانگي واپار ۾ واڌ لاءِ اڳڀرائيءَ جا سٺا نتيجا نڪرندا. هن جو چوڻ هو ته حج 2026ع گهٽ کان گهٽ پيڪيج سان ڪرائڻ اسان جي پهرين ترجيح آهي.

مزید خبریں