قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران رياستي نشرياتي اداري جي هڪ اينڪر پاران مخصوص قوميت جي خلاف توهين آميز ريمارڪس تي ڳڻتي جو اظهار، رياستي نشرياتي اداري جي اينڪرز جي لاءِ ضابطه اخلاق جوڙڻ جي سفارش

اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي رياستي نشرياتي اداري جي هڪ اينڪر پاران مخصوص قوميت جي خلاف توهين آميز ريمارڪس تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي رياستي نشرياتي اداري جي اينڪرز جي لاءِ ضابطه اخلاق جوڙڻ جي سفارش ڪئي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي موجب اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ٿيو. اجلاس جي صدارت …

اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي رياستي نشرياتي اداري جي هڪ اينڪر پاران مخصوص قوميت جي خلاف توهين آميز ريمارڪس تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي رياستي نشرياتي اداري جي اينڪرز جي لاءِ ضابطه اخلاق جوڙڻ جي سفارش ڪئي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري پڌرائي موجب اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ٿيو. اجلاس جي صدارت قومي اسيمبلي ميمبر پلين بلوچ ڪئي. اسٽينڊنگ ڪميٽي چيو ته اينڪر جي اهڙن تبصرن سان عوام جي وڏي انگ کي ڏک ۽ صدمو پهتو آهي. ڪميٽي ڄاڻايل اينڪر کان ريڪوري ۽ ان کي سرڪاري ميڊيا ۾ بليڪ لسٽ ڪرڻ جي سفارش ڪئي. ڪميٽي نوٽ ڪيو ته قومي خزاني مان معاوضو حاصل ڪندڙ هر شخص تي هڪ مخصوص ضابطه اخلاق لاڳو هجڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ته جيئن ئي اينڪر جي وي لاگ ۾ توهين آميز ريمارڪس سامهون آيا، ان جو معاهدو فوري طور تي معطل ۽ بعد ۾ ان  کي ختم ڪيو ويو. هن ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته ڪنهن کي به قومي وحدت ۽ بين الصوبائي هم آهنگي کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته ڄاڻايل اينڪر کي نگران حڪومت جي دور ۾ هائير ڪيو ويو هو ۽ پي ٽي وي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ اينڪرز جي لاءِ اهڙين پوسٽنگ تي ڪا پابندي نه آهي. ڪميٽي کي ڊيجيٽل ڪميونيڪشنز (ڊي سي ڊي) بابت ڊپارٽمينٽ جي ڪم ۽ ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي کي آگاهه ڪيو ويو ته هن اداري جي قيام جو مقصد قومي سلامتي جي تحفظ، غلط معلومات جي ڦهلاءُ جو مقابلو ڪرڻ ۽ مذهبي هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ آهي. ڪميٽي کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڊيجيٽل دنيا ۾ اڀرندڙ خطرن جي ڏس ۾ ڊي سي ڊي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهي ته جيئن قومي مفاد جي ڪنهن به خطري جي خلاف موثر جواب تيار ۽ فراهم ڪري سگهجي. ڪميٽي کي اهو به ٻڌايو ويو ته ڊي سي ڊي پهلگام واقعي کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي تڪرار دوران ۽ فتنه الخوارج جي خلاف ڪارروائي ۾ پاڪستان جي قومي موقف کي موثر انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ڪميٽي جي ميمبرن ڊي سي ڊي جي ڪوششن کي ساراهيو. ڪميٽي پنهنجي گذريل اجلاس ۾ ڪيل سفارشن تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ هدايت ڪئي ته پاڪستان انفارميشن ڪميشن جي ميمبر جي مقرري جي عمل کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي جيڪو سول سوسائٽي مان هجي. وزارت آگاهه ڪيو ته اهو عمل ايندڙ ٻن مهينن جي اندر مڪمل ڪيو ويندو. ڪميٽي اي پي پي جي اڪائونٽس ۾ بدعنواني جي سلسلي ۾ هدايت ڪئي ته اي پي پي ۾ سخت مالي ڪنٽرول جا قدم جوڙيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي نوعيت جا واقعا نه ٿين. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ميمبرن نديم عباس، ڪرن عمران ڊار، آسيه ناز تنولي، ڪرن حيدر، صلاح الدين جوڻيجو، سحر ڪامران، سيد امين الحق، راڻا انصر، شاهين (زوم ذريعي)، اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں