اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهمند، اتر وزيرستان ۽ بنون ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشنز ۾ 19 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي …
وزيراعظم پاران مهمند، اتر وزيرستان ۽ بنون ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهمند، اتر وزيرستان ۽ بنون ۾ فتنه الخوارج جي خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آپريشنز ۾ 19 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جا آفيسر ۽ اهلڪار فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ جي لاءِ ڏينهن رات مصروف عمل آهن، ملڪ جي دفاع جي اڻٿڪ عزم ۾ مون سميت پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.











