وزيراعظم پاران بهاولنگر ۾ چڪ لاليڪا ويجهو ٻوڏ متاثرين جي ٻيڙيءَ اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار

دوحا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بهاولنگر ۾ چڪ لاليڪا ويجهو ٻوڏ متاثرين جي ٻيڙيءَ اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ٻن گم ٿيل ماڻهن جي جلد ڳولا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن کي بهتري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ، ريسڪيو عملدارن کي ريسڪيو آپريشن دوران سموريون احتياطي تدبيرون …

دوحا – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بهاولنگر ۾ چڪ لاليڪا ويجهو ٻوڏ متاثرين جي ٻيڙيءَ اونڌي ٿيڻ جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي ٻن گم ٿيل ماڻهن جي جلد ڳولا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن کي بهتري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ، ريسڪيو عملدارن کي ريسڪيو آپريشن دوران سموريون احتياطي تدبيرون يقيني بڻائڻ، اين ڊي ايم اي کي هاءِ الرٽ رهڻ ۽ صوبائي حڪومتن سان تعاون جاري رکڻ جي پڻ هدايت ڪئي.

مزید خبریں