راولپنڊي-11 سيپٽمبر(اي پي پي) 9 ۽ 10 سيپٽمبر تي خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن ڌار ڌار آپريشنز دوران ڀارتي حمايت يافته ”فتنه الخوارج“ سان تعلق رکندڙ 19 خوارج جهنم ڀيڙو ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز موجب فتنه الخوارج جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز مهمند ضلعي جي علائقي گلونون ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن ڪيو. ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز …
سيڪيورٽي فورسز جي ٽن ڌار ڌار آپريشنز دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 19 خوارج جهنم ڀيڙو ڪيا ويا: آءِ ايس پي آر

مزید خبریں
راولپنڊي-11 سيپٽمبر(اي پي پي) 9 ۽ 10 سيپٽمبر تي خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن ڌار ڌار آپريشنز دوران ڀارتي حمايت يافته ”فتنه الخوارج“ سان تعلق رکندڙ 19 خوارج جهنم ڀيڙو ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پريس رليز موجب فتنه الخوارج جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز مهمند ضلعي جي علائقي گلونون ۾ انٽيليجنس جي بنياد تي آپريشن ڪيو. ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز خوارج جي ٺڪاڻي کي موثر طريقي سان نشانو بڻايو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ ڀارت جي حمايت يافته 14 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح هڪ ٻيو انٽيليجنس بيسڊ آپريشن اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ ڪيو ويو جتي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ وڌيڪ 4 خوارج سيڪيورٽي فورسز هٿان انجام تي پهتا. بنون ضلعي ۾ ٿيل هڪ ٻي مقابلي ۾ هڪ خارجي کي سيڪيورٽي فورسز جهنم ڀيڙو ڪيو. ڀارت جي حمايت يافته انهن مارجي ويل خوارج جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو به هٿ ڪيو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب اهي دهشتگرد علائقي ۾ ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث رهيا هئا، علائقي ۾ ڪنهن به باقي رهيل خارجي جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس ۽ سرچ آپريشنز جاري آهن ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان ڀارتي حمايت يافته دهشتگردي جي ناسور جون پاڙون پٽڻ لاءِ پرعزم آهن.











