اسلا م آباد-11 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان انوائرمنٽل پروٽيڪشن ايجنسي جي ماحولياتي مانيٽرنگ ٽيم زون فائيو اسلام آباد ۾ جاري تجويز ڪيل اڏاوتي منصوبن جو معائنو ڪيو. ٽيم مختلف هنڌن تي ترقياتي ڪمن جي مختلف مرحلن جو جائزو ورتو. معائني دوران ٽيم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورن منصوبن ۾ ماحولياتي قانونن کي سختي سان عمل کي يقيني بڻايو وڃي. اختيارين جو چوڻ هو ته پائيدار ۽ ذميوار ترقي …
ماحولياتي مانيٽرنگ ٽيم جو زون فائيو اسلام آباد ۾ تعميراتي منصوبن جو معائنو

مزید خبریں
اسلا م آباد-11 سيپٽمبر(اي پي پي) پاڪستان انوائرمنٽل پروٽيڪشن ايجنسي جي ماحولياتي مانيٽرنگ ٽيم زون فائيو اسلام آباد ۾ جاري تجويز ڪيل اڏاوتي منصوبن جو معائنو ڪيو. ٽيم مختلف هنڌن تي ترقياتي ڪمن جي مختلف مرحلن جو جائزو ورتو. معائني دوران ٽيم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورن منصوبن ۾ ماحولياتي قانونن کي سختي سان عمل کي يقيني بڻايو وڃي. اختيارين جو چوڻ هو ته پائيدار ۽ ذميوار ترقي لاءِ ماحولياتي تحفظ نهايت ضروري آهي، ٽيم لاڳاپيل ادارن، منصوبي سازن کي هدايت ڪئي ته اڏاوتي سرگرمين دوران ماحولياتي اثرن جو خاص خيال رکيو وڃي ته جيئن قدرتي ماحول کي نقصان کان بچائي سگهجي.











