قائداعظم جي قيادت ۽ پختي عزم پاڪستان جي قيام جو بنياد رکيو: سردار اياز صادق

اسلام آباد-11 سيپٽمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس قيادت ۽ پختي عزم پاڪستان جي قيام جو بنياد رکيو. باباءِ قوم جي اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جي رهنما اصول اختيار ڪرڻ کانسواءِ موجوده چئلينجن جو حل ممڪن ناهي، نوجوان نسل قائداعظم جي نقش قدم تي هلي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار ادا …

اسلام آباد-11 سيپٽمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس قيادت ۽ پختي عزم پاڪستان جي قيام جو بنياد رکيو. باباءِ قوم جي اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جي رهنما اصول اختيار ڪرڻ کانسواءِ موجوده چئلينجن جو حل ممڪن ناهي، نوجوان نسل قائداعظم جي نقش قدم تي هلي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري.  باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي 77هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان کي خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ شامل ڪرڻ لاءِ نوجوان پنهنجون توانائيون خرچ ڪن. اسپيڪر قوم کي ٻوڏ متاثرن جي دل کولي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته قوم کي اڄ وري انهي اتحاد ۽ حوصلي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي جيڪو قيام پاڪستان جي وقت قائداعظم جي قيادت ۾ ڪيو هو. سياسي قوتون اختلاف وساري ٻوڏ متاثرن کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته قائداعظم هميشه آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ اڻٿڪ محنت تي زور ڀريو. پاڪستان کي قائداعظم جي فڪر جي روشني ۾ امن، ترقي ۽ انصاف جو گهوارو بڻايو وڃي.

مزید خبریں