اسلام آباد-11 سيپٽمبر(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، قطري شاهي خاندان ۽ قطري عوام سان قطر جي خلاف اسرائيلي جارحيت تي يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن جي دوري تي دوحا روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات …
وزيراعظم قطر سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ ڏينهن جي دوري تي دوحا روانو

مزید خبریں
اسلام آباد-11 سيپٽمبر(اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، قطري شاهي خاندان ۽ قطري عوام سان قطر جي خلاف اسرائيلي جارحيت تي يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن جي دوري تي دوحا روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي وزيراعظم جي وفد ۾ شامل آهن. وزيراعظم دوحا ۾ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪندو ۽ دوحا تي اسرائيل جي بنا جواز حملي ۽ عالمي قانونن جي واضح طور تي خلاف حملي جي ڏس ۾ قطري امير ۽ قطري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندو. قطر ۽ پاڪستان جا پراڻا تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل مذهب ۽ قدرن تي ٻڌل آهن. پاڪستان سدائين هر مشڪل وقت ۾ قطر جي حمايت ڪئي آهي ۽ ان جي حمايت جاري رکندو. ان جو اظهار وزيراعظم قطري امير سان پنهنجي ملاقات ۾ ڪندو. اجلاس ۾ اسرائيل جي جي خطي جي مختلف ملڪن تي بنا جواز حملن ۽ مُسلسل جارحيت سان گڏ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ تي مُشاورت ڪئي ويندي.










